bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 1
Leviticus 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 2 →
1
۽ خداوند موسيٰ کي سڏي، جماعت واري تنبوءَ مان ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ
2
بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.
3
جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.
4
هو پنهنجو هٿ انهيءَ سوختني قربانيءَ جي مٿي تي رکي؛ تہ اها سندس لاءِ قبول پوي ۽ سندس ڪفارو ٿئي.
5
۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.
6
پوءِ هو انهيءَ سوختني قربانيءَ جي کل لاهي، ۽ انهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري.
7
پوءِ هارون ڪاهن جا پٽ، قربانگاهہ تي باهہ رکن، ۽ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکن؛
8
۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي اهي ٽڪر ۽ سري ۽ چرٻي، قربانگاهہ واريءَ باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان ٺاهي رکن:
9
۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
10
جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.
11
۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.
12
پوءِ هو انهي کي سريءَ ۽ چرٻيءَ سميت وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري، ۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ واري باهہ تي جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن، تن جي مٿان ٺاهي رکي:
13
پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
14
جيڪڏهن خداوند جي لاءِ انهي جي قرباني پکين مان سوختني قرباني هجي، تہ هو پنهنجي قرباني ڳيرن مان يا ڪبوترن جي ٻچن مان آڻي پيش ڪري.
15
۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي آڻي، انهي جي سسي مروٽي ڇڏي، ۽ پوءِ انهي کي قربانگاهہ تي ساڙي؛ ۽ انهي جو رت قربانگاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي:
16
۽ انهي جي گجي گند سميت ڪڍي، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري پاسي تي، ڪيريءَ واريءَ جاءِ تي اُڇلائي ڇڏي:
17
۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27