bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 8
Leviticus 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 9 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
2
تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، ڪپڙا، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ۽ ٻہ گهٽا، ۽ بي خميري مانين جي ٽوڪري کڻي؛
3
سڄيءَ جماعت کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ڪر.
4
سو موسيٰ ائين ئي ڪيو، جيئن ڪ خداوند حڪم ڏنو هوس؛ ۽ ساري جماعت اچي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ گڏ ٿي.
5
۽ موسيٰ جماعت کي چيو، تہ خداوند هن ڪم جي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آهي.
6
پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي وٺي آيو، ۽ پاڻيءَ سان وهنجاريائين.
7
پوءِ هن کي پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائينس، ۽ جبو ڍڪايائينس، ۽ مٿس اُفود وڌائين، ۽ اُفود وارو ڪاريگريءَ سان واڻيل ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌائينس، ۽ انهي کي ٻڌي قابو ڪيائين.
8
۽ هن کي سينہ بند پاتائين: ۽ سينہ بند ۾ اُريم ۽ تميم بہ وڌائين.
9
۽ هن جي مٿي تي پڳڙي رکيائين؛ ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اڳئين پاسي سوني پٽي، يعني پاڪ ڇٽ ٻڌائين: جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
10
پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، عبادت جي خيمي کي، ۽ جيڪي انهي ۾ هو، تنهن کي مسح ڪري پاڪ ڪيو.
11
۽ انهي مان ڪجهہ ست ڀيرا قربانگاهہ تي ڇاٽاريائين، ۽ قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي، مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿين.
12
۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.
13
پوءِ موسيٰ هارون جي پٽن کي اڳيان آندو، ۽ کين پهراڻ پاتائين، ۽ ڪمربند ٻڌائين، ۽ ٽوپيون پاتائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
14
پوءِ هن گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو آندو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي مٿي تي رکيا.
15
پوءِ هن انهي وهڙي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ پنهنجيءَ آڱر سان رت کڻي قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳايو، ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين؛ ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ تي اوتيائين، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪيائين، تہ انهيءَ جو ڪفارو ڏنو وڃي.
16
۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، سا سڀ ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، اهي سڀ موسيٰ قربانگاهہ تي ساڙيا.
17
پر وهڙو ۽ انهي جي کل ۽ انهي جو گوشت، ۽ انهي جو ڇيڻو، اهي سڀ هن منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
18
پوءِ هن سوختني قربانيءَ جو گهٽو آڻي پيش ڪيو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.
19
پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.
20
پوءِ هن گهٽي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو: ۽ موسيٰ انهي جي سري، ۽ ٽڪر ۽ چرٻي ساڙي.
21
پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوتا؛ ۽ موسيٰ سڄو گهٽو قربانگاهہ تي رکي ساڙيو: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني هئي: جا باهہ سان ساڙبي آهي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
22
۽ هن ٻيو گهيٽو بہ پيش ڪيو، يعني مخصوصيت جو گهٽو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن، انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.
23
پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.
24
پوءِ هن هارون جي پٽن کي اڳيان آندو، ۽ موسيٰ ڪجهہ رت کڻي انهن جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو: باقي رت موسيٰ قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏيو.
25
پوءِ هن چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هئي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن جي چرٻي، ۽ ساڄي ران کنئي:
26
۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ رکيل هئي، تنهن مان هڪڙي فطيري ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍيائين، ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين:
27
پوءِ هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون، ۽ خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪيائين.
28
پوءِ موسيٰ اهي سڀ هنن جي هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيون: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي مخصوصيت هئي، جا باهہ ۾ ساڙبي آهي.
29
پوءِ موسيٰ سينو کڻي لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ لوڏيو: اهو مخصوصيت واري گهٽي مان موسيٰ جو حصو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
30
پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.
31
۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ هي گوشت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ رڌيو: ۽ اهو مخصوصيت واريءَ ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ، انهي ساڳئي هنڌ ويهي کائو: جيئن ڪ مون کي حڪم مليو هو، تہ هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.
32
۽ انهي گوشت ۽ مانين مان جيڪي بچي، سو اوهين باهہ سان ساڙي ڇڏيو.
33
۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃجو، جيسين ڪ اوهان جي مخصوصيت جا ڏينهن پورا ٿين: ڇالاءِ جو ستن ڏينهن تائين هو اوهان کي مخصوص ڪندو.
34
۽ خداوند حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن اڄ ڪيو ويو آهي، تيئن ئي ڪندا رهو، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.
35
۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در تي رات ڏينهن ويٺا رهجو، ۽ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪجو، تہ مري نہ پئو: ڇالاءِ جو مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.
36
سو خداوند جيڪي حڪم موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا، سي سڀ هارون ۽ سندس پٽن بجا آندا.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27