bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 15
Leviticus 15
Sindhi Bible
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 16 →
1
۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ
2
اوهين بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئو تہ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پرميل جو مرض ٿئي، تہ هو انهي جي ڪري ناپاڪ آهي.
3
۽ انهي پرميل جي مرض ۾ هن جي ناپاڪي هن ريت ٿيندي: يعني هن جي بدن مان ڪجهہ وهندو هجي، توڙي هن جي بدن جو وهڪرو بند هجي، تہ بہ هو ناپاڪ آهي.
4
۽ جنهن هنڌ تي اهڙو پرميل وارو ماڻهو سمهندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ جنهن شيءِ تي ويهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.
5
جيڪو هن جي هنڌ کي هٿ لائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
6
۽ جنهن شيءِ تي پرميل وارو ماڻهو ويٺو هجي، تنهن تي جيڪو ويهندو سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
7
۽ جيڪو پرميل واري ماڻهوءَ جي بت کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
8
۽ جيڪڏهن پرميل وارو ماڻهو، ڪنهن پاڪ ماڻهو تي ٿُڪ اُڇلائيندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
9
۽ جنهن بہ زين تي پرميل وارو ماڻهو چڙهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.
10
۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
11
۽ پرميل وارو ماڻهو پنهنجا هٿ پاڻيءَ سان ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن کي ڇهندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
12
۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو کي پرميل وارو ماڻهو ڇهندو، سو ڀڃي ڇڏبو: ۽ سڀ ڪو ڪاٺ جو ٿانو پاڻيءَ ۾ ڌوئبو.
13
۽ جڏهن پرميل وارو ماڻهو، پرميل کان ڇٽي پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجو بت ڌوئي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.
14
۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي:
15
۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.
16
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي احتلام ٿي پوي، تہ هو پنهنجو سڄو بت پاڻيءَ ۾ ڌوئي، ۽ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
17
سڀ ڪو ڪپڙو ۽ چم جنهن تي مني پوي، سو پاڻيءَ سان ڌوئبو، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو.
18
جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال سان سمهندي انزال ڪري، تہ اهي ٻئي پاڻيءَ ۾ وهنجن، ۽ اهي شام تائين ناپاڪ رهندا.
19
جڏهن ڪنهن زال جي بدن مان ماهواري رت اچي، تڏهن اها ستين ڏينهن تائين جدا رهندي؛ ۽ جيڪو کيس ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
20
۽ جنهن شيءِ تي هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ سمهندي، سا ناپاڪ ٿيندي: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا بہ ناپاڪ ٿيندي،
21
۽ جيڪو هن جي هنڌ کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
22
۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويٺي هجي، تنهن کي جيڪو ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
23
۽ جنهن وقت هوءَ ڪنهن هنڌ تي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ويٺي هجي، تنهن وقت جيڪو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
24
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن سان گڏ هڪڙي ئي هنڌ تي ستو هجي، ۽ هن جو گند کيس لڳو هجي، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ جنهن جنهن هنڌ هو ستو هوندو، سو بہ ناپاڪ ٿيندو.
25
۽ جيڪڏهن ڪنهن زال کي ماهواري رت جدائيءَ واري عرصي کان گهڻا ڏينهن اڳي اچي، يا جدائي وارا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بہ رت وهندو رهي: تہ جيترا ڏينهن اهو رت وهندو رهي، اوترا ڏينهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ناپاڪ رهندي: هوءَ ناپاڪ آهي.
26
انهن رت وهڻ وارن ڏينهن ۾ جنهن هنڌ تي هوءَ سمهندي، سو سندس معمولي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ليکبو: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا سندس ماهواريءَ جي ناپاڪيءَ وانگر ناپاڪ ٿيندي.
27
۽ جيڪو انهن شين کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
28
۽ جڏهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ کان پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.
29
۽ اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي؛
30
۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري؛ ۽ ڪاهن هن جي ماهواريءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.
31
اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.
32
هي قاعدو انهي مرد جي واسطي آهي، جنهن کي پرميل جو مرض هجي، يا جنهن کي احتلام هجي؛
33
۽ انهيءَ زال جي واسطي آهي، جا ماهواريءَ جي حالت ۾ هجي، يعني مرد توڙي زال جي واسطي آهي، ۽ انهي مرد جي واسطي آهي، جو ڪنهن ناپاڪ زال سان سمهي.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27