bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 9
Leviticus 9
Sindhi Bible
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 10 →
1
۽ اٺين ڏينهن هيئن ٿيو، جو موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ بني اسرائيل جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو؛
2
۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر.
3
۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛
4
۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.
5
تڏهن هو موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان کڻي آيا: ۽ ساري جماعت ويجهو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي.
6
۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو.
7
پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.
8
سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو جو سندس لاءِ هو، سو ذبح ڪيائين.
9
۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي وٽس حاضر ڪيو، ۽ هن پنهنجي آڱر رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين؛
10
۽ انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ مان چرٻي، ۽ بڪيون، ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
11
۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين.
12
پوءِ هن سوختني قرباني ذبح ڪئي؛ ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي کيس ڏنو، ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.
13
پوءِ هنن سوختني قرباني ٽڪر ٽڪر ڪري، سري سميت کيس ڏني: ۽ هن اُهي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا.
14
پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا ڌوتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين.
15
پوءِ هن اُمت جي قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ جيڪو ٻڪر اُمت جي لاءِ گناهہ جي قرباني هو، سو آڻي ذبح ڪيائين، ۽ پهرئين وانگر انهي کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪيائين.
16
پوءِ هن سوختني قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ حڪم موجب اها چاڙهيائين.
17
پوءِ هن کاڌي جي قرباني پيش ڪئي، ۽ انهيءَ مان پنهنجي مٺ ڀري، صبح واري سوختني قربانيءَ جي ڀرسان، اها قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين.
18
۽ اُمت جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني طور، جيڪو ڏاند ۽ گهٽو هو، تن کي بہ هن ذبح ڪيو: ۽ هارون جي پٽن انهن جو رت آڻي کيس ڏنو ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو،
19
۽ ڏاند جي چرٻي، ۽ گهٽي جي چرٻي، دنب ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، ۽ بڪيون ۽ جيري جو پردو، اهي سڀ ڪڍي ڇڏيائين،
20
۽ هنن اها چرٻي سينن تي رکي، پوءِ هن چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي:
21
۽ هارون سينا ۽ ساڄي ران کڻي، لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ لوڏيا؛ جيئن ڪ موسيٰ فرمايو هو.
22
۽ هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي، کين برڪت ڏني: ۽ هو گناهہ جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي هيٺ لٿو.
23
پوءِ موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ ويا، ۽ اتان ٻاهر اچي ماڻهن کي برڪت ڏنائون: ۽ خداوند جو جلال سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيو.
24
۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27