bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 2
Leviticus 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 3 →
1
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قرباني پيش ڪري، تہ انهي جي قرباني ميدي جي هئڻ گهرجي؛ هو انهي تي تيل اوتي ۽ مٿس لوبان رکي:
2
۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
3
۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.
4
۽ جيڪڏهن تون تنور ۾ پڪل کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تہ اهي تيل ۾ ڳوهيل فطيري نان هجن، يا تيل مکيل فطيري ڍوڍا هجن.
5
۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تئي تي پڪل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي فطيريءَ مانيءَ جي هجي.
6
تون انهيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري مٿس تيل اوتج: اها کاڌي جي قرباني آهي.
7
۽ جيڪڏهن تنهنجي قرباني تريل کاڌي جي قرباني هجي، تہ اها تيل ۾ ڳوهيل ميدي جي هئڻ گهرجي.
8
تون اِنهن شين مان ٺاهيل کاڌي جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ آڻج؛ ۽ اها ڪاهن وٽ آڻي حاضر ڪج، ۽ هو اها قربانگاهہ وٽ کڻي اچي،
9
۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.
10
۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون باهہ سان ساڙيون وڃن، تن ۾ هيءَ تمام پاڪ آهي.
11
جيڪا بہ کاڌي جي قرباني، اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪريو، تنهن ۾ خمير اصل نہ هجي: ڇالاءِ جو اوهين ڪوبہ خمير، يا ماکي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ ۾ نہ ساڙجو.
12
اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن.
13
تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.
14
جيڪڏهن تون پنهنجي پهرئين ڦل جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪرين، تہ پنهنجي اَن جا پهريان سنگ باهہ ۾ ڀُڃي، اُنهن سنگن مان ڪٽيل اَن ڪڍي، اهو کاڌي جي قربانيءَ وانگر پيش ڪج.
15
۽ تون انهي تي تيل اوتج ۽ مٿس لوبان رکج: اها کاڌي جي قرباني ٿيندي.
16
پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27