bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 20
Leviticus 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 21 →
1
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
2
انهي کان سواءِ تون بني اسرائيل کي چئج، تہ بني اسرائيل مان، يا جيڪي پرديسي اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو ماڻهو پنهنجو اولاد مولڪ کي نذر ڪري ڏيندو، سو ضرور ماريو ويندو: ملڪ جا ماڻهو انهي کي سنگسار ڪري ڇڏين.
3
آءٌ بہ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس: ڇالاءِ جو هن پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏئي، منهنجي پاڪ مڪان کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي ڪئي اٿس.
4
۽ جڏهن هو پنهنجي اولاد مان ڪو مولڪ کي ڏيندو، ۽ جي ملڪ جا ماڻهو انهي کان اک ٻوٽ ڪندا، ۽ انهي کي قتل نہ ڪندا:
5
تہ پوءِ آءٌ پنهنجو منهن انهي ماڻهوءَ کان، ۽ انهي جي گهراڻي کان ڦيرائيندس، ۽ انهي کي، ۽ جيڪي انهي سان گڏجي زنا ڪندا، ۽ مولڪ جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندا، تن سڀني کي سندن قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.
6
۽ جيڪو ماڻهو ڀوپن ۽ جادوگرن ڏانهن منهن ڪندو، ۽ انهن جي پيروي ڪري زناڪار ٿيندو، آءٌ انهي ماڻهو جي برخلاف ٿيندس، ۽ انهي کي سندس قوم مان تباهہ ڪري ڇڏيندس.
7
تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
8
اوهين منهنجا قانون ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.
9
۽ جيڪو پنهنجي پيءُ تي يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو: هن پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ تي لعنت ڪئي آهي؛ ۽ انهي جو خون سندس گردن تي آهي.
10
۽ جيڪو ٻئي ماڻهوءَ جي زال سان زنا ڪندو، يعني جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ اهو زناڪار مرد ۽ اُها زناڪار زال ٻئي ضرور ماريا ويندا.
11
۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهندو، تنهن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.
12
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ننهن سان سمهندو، تہ اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا: هن اونڌو ڪم ڪيو آهي؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.
13
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.
14
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ۽ پنهنجي سس ٻنهي کي رکندو، تہ اها بڇڙائي آهي. اهو ماڻهو ۽ هو ٻئي زالون باهہ ۾ ساڙيا ويندا؛ انهي لاءِ تہ اوهان ۾ بڇڙائي نہ رهي.
15
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪندو، تہ اهو بہ ضرور ماريو ويندو: ۽ اوهين انهي جانور کي بہ ڪهي ڇڏجو،
16
جيڪڏهن ڪا زال ڪنهن جانور وٽ وڃي، ۽ انهي جي هيٺان وڃي سمهي، تہ اوهين انهيءَ جانور ۽ انهيءَ زال کي قتل ڪري ڇڏجو: اهي ٻئي ضرور ماريا وڃن؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.
17
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀيڻ، يا پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، پاڻ وٽ ويهاري، ۽ سندس ننگ ڏسي، تہ اها شرم جي ڳالهہ آهي؛ اهي پنهنجيءَ قوم جي روبرو تباهہ ڪيا وڃن: انهي ماڻهوءَ پنهنجيءَ ڀيڻ جو ننگ کوليو آهي؛ هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.
18
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال جي ماهواريءَ وقت انهيءَ سان سمهي، ۽ سندس ننگ کولي؛ تہ هن انهيءَ جو چشمو اُگهاڙو ڪيو آهي، ۽ زال پنهنجي رت جو چشمو ظاهر ڪيو آهي: تہ اهي ٻئي پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.
19
۽ تون پنهنجيءَ ماءُ جي ڀيڻ، ۽ پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ جو ننگ نہ کولج: ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ پنهنجي ويجهي مائٽياڻيءَ کي اُگهاڙو ڪيو آهي: هو پنهنجو گناهہ پاڻ کڻندو.
20
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چاچيءَ سان گڏ سمهندو، تہ انهي پنهنجي چاچيءَ جو ننگ کوليو آهي: اهي پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندا؛ اهي بي اولاد مرندا.
21
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ کي پاڻ وٽ ويهاريندو تہ اها ناپاڪي آهي: هن پنهنجي ڀاءُ جو ننگ کوليو آهي؛ اهي بي اولاد مرندا.
22
تنهنڪري اوهين منهنجن سڀني قانونن ۽ منهنجن سڀني فيصلن کي ياد رکجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: انهي لاءِ تہ متان جنهن زمين ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو، سا اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.
23
۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي.
24
پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.
25
تنهنڪري اوهين پاڪ ۽ ناپاڪ جانور جي وچ ۾، ۽ پاڪ ۽ ناپاڪ پکيءَ جي وچ ۾ فرق ڪجو: ۽ جانور يا پکي، يا ٻيو ڪو زمين تي سرندڙ جيت، جنهن کي مون ناپاڪ ٺهرائي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تنهن جي ڪري اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو.
26
۽ اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آهيان، ۽ اوهان کي قومن مان چونڊي ڌار ڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.
27
جيڪو مرد يا زال ڀوپو يا جادوگر هجي، سو ضرور ماريو وڃي: انهي کي پهڻن سان سنگسار ڪيو وڃي: انهن جو خون سندن گردن تي آهي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27