bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 10
Leviticus 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 11 →
1
۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون.
2
ائين ڪرڻ ڪري خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي، ۽ انهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين، ۽ اهي خداوند جي روبرو مري ويا.
3
تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.
4
پوءِ موسيٰ، هارون جي چاچي عزي ايل جي پٽن، ميساايل ۽ الضفن کي سڏي چيو، تہ اوهين ويجها اچو، ۽ پنهنجي ڀائرن کي پاڪ مڪان مان ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃو.
5
سو هو ويجها آيا، ۽ موسيٰ جي چوڻ موجب انهن کي سندن ڪپڙن ۾ کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍي ويا.
6
۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.
7
پر اوهين جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو: ڇالاءِ جو خداوند جو مسح ڪرڻ جو تيل اوهان تي لڳل آهي. سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.
8
۽ خداوند هارون کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
9
جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو:
10
تہ اوهين پاڪ ۽ رواجي شين جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ڪريو؛
11
۽ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو، جي خداوند موسيٰ جي هٿان کين ٻڌايا آهن.
12
پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:
13
۽ اها اوهين ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي: ۽ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.
14
۽ لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران بہ اوهين ڪنهن صاف جاءِ ۾ کائجو: تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجون ڌيئر جي تو سان گڏ هجن: ڇالاءِ جو اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي، جو بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان اوهان کي ڏنو ويو آهي.
15
مٿي کنيل ران ۽ لوڏيل سينو باهہ سان ساڙڻ وارين قربانين جي چرٻيءَ سان گڏ آندو وڃي، تہ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏيا وڃن: اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ توسان گڏ تنهنجي پٽن جو حق ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.
16
پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ
17
اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟
18
ڏسو انهي جو رت، پاڪ مڪان ۾ ڪونہ آندو ويو هو: اوهان کي گهربو هو تہ اها ضرور ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائو ها، جيئن ڪ مون حڪم ڏنو هو.
19
تڏهن هارون موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، اڄ ئي هنن خداوند جي حضور ۾ پنهنجي گناهہ جي قرباني ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهي آهي؛ ۽ مون تي اهڙا حادثا ٿي گذريا آهن: ۽ جيڪڏهن آءٌ اڄ اها گناهہ جي قرباني کاوان ها، تہ اها خداوند جي نظر ۾ قبول پوي ها ڇا؟
20
۽ موسيٰ اها ڳالهہ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27