bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Leviticus 21
Leviticus 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 22 →
1
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو:
2
سواءِ انهي مائٽ جي لاءِ جو ويجهو هجي، يعني پنهنجي ماءُ، پيءُ، پٽ، ڌيءَ ۽ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ؛
3
۽ پنهنجي ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ، جا پرڻيل نہ هجي، ۽ جا کيس ويجهي آهي، انهن جي لاءِ هو ڀلي پاڻ کي ٻين کان ڌار ڪري.
4
۽ ڇالاءِ جو هو قوم جو سردار آهي تنهن ڪري هو پاڻ کي اهڙو ناپاڪ نہ ڪري جو بي حرمتي ٿئي.
5
هو پنهنجو مٿو نہ ڪوڙائين، نڪي هو پنهنجي ڏاڙهيءَ جي ڪنڊ ڪوڙائين، نڪي پنهنجي بت تي وڍ وجهن.
6
هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ رهن، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: ڇالاءِ جو هو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون ٿا چاڙهين، جي سندن خدا جي خوراڪ آهن: تنهنڪري هو پاڪ رهن.
7
هو اهڙي زال نہ ويهارين، جا ڪسبياڻي يا خراب هجي؛ يا جنهن کي سندس مڙس ڇڏي ڏنو هجي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ آهي.
8
تنهنڪري تون انهي کي پاڪ ڄاڻ؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ٿو ڪري: اهو تنهنجي لاءِ پاڪ رهندو: ڇوتہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان.
9
۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي پليت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي باهہ سان ساڙيو وڃي.
10
۽ جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، يعني جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل اوتيل هجي، ۽ جو پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيل هجي، سو پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي؛
11
۽ هو ڪنهن بہ مردي جي ويجهو نہ وڃي، نڪي پنهنجي پيءُ يا پنهنجيءَ ماءُ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري؛
12
۽ هو پاڪ مڪان کان ٻاهر نہ نڪري، نڪي پنهنجي خدا جي پاڪ مڪان جي بي حرمتي ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تي سندس خدا جي مسح ڪرڻ واري تيل جو تاج آهي: آءٌ خداوند آهيان.
13
هو ڪنواري زال سان شادي ڪري.
14
بيوہ، يا طلاق ڏنل، يا خراب زال، يا ڪسبياڻيءَ سان هو شادي نہ ڪري: پر پنهنجي قوم مان ڪنهن ڪنواريءَ زال سان شادي ڪري.
15
۽ هو پنهنجي تخم کي پنهنجي قوم ۾ بي آبرو نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو هن کي پاڪ ٿو ڪريان.
16
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
17
هارون کي چئُہ تہ تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جنهن ۾ ڪوبہ عيب هجي، سو پنهنجي خدا جي خوراڪ پيش ڪرڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.
18
ڇالاءِ تہ ڪوبہ ماڻهو جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو ويجهو نہ اچي: يعني انڌو، يا منڊو، يا چٻي نڪ وارو، يا جنهن جو ڪو عضوو وڌيل هجي،
19
يا جنهن جو پير يا هٿ ڀڳل هجي،
20
يا جيڪو گڪو يا بندرو هجي، يا جنهن کي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڏڍ يا خارش هجي، يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن؛
21
مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي، سو خداوند جي لاءِ باهہ جون قربانيون چاڙهڻ واسطي ويجهو نہ اچي. ڇالاءِ جو انهيءَ ۾ عيب آهي؛ هو خدا جي کاڌي جي قرباني چاڙهڻ لاءِ ويجهو نہ اچي.
22
هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.
23
فقط ايترو جو هو پردي جي اندر نہ وڃي، نڪي قربانگاهہ جي ويجهو وڃي، ڇالاءِ جو هن ۾ عيب آهي: متان هو منهنجي پاڪ مڪانن جي بي حرمتي ڪري: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو انهي کي پاڪ ٿو ڪريان.
24
تڏهن موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي اهي سڀ ڳالهيون چئي ٻڌايون.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27