bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 19
Numbers 19
Sindhi Bible
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 20 →
1
پوءِ خدا موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ کين چيائين تہ
2
جنهن شريعت جو خداوند حڪم ڏنو آهي تنهن جو قانون هي آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ هو تو وٽ هڪڙي بي عيب ڳاڙهي گابي وٺي اچن، جنهن تي ڪو داغ يا چٽو نہ هجي، ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ ڪا پاڃاري ڪانہ آئي هجي.
3
اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري:
4
۽ اليعزر ڪاهن هن جو رت پنهنجيءَ آڱر تي کڻي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇاٽاري.
5
پوءِ ڪو ماڻهو انهيءَ گابيءَ کي هن جي روبرو ساڙي؛ هو انهيءَ جي کل ۽ گوشت ۽ رت ۽ ڇيڻو اهي سڀ ساڙي ڇڏي:
6
۽ ڪاهن ديال جي ڪاٺي، ۽ زوفا، ۽ قرمزي رنگ کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ واريءَ باهہ ۾ اُڇلائي وجهي.
7
پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.
8
۽ جيڪو انهيءَ کي ساڙي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو.
9
۽ جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، منزلگاهہ جي ٻاهران ڪنهن صاف هنڌ رکي، ۽ اها بني اسرائيل جي جماعت لاءِ، ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ واسطي رکي رهي: اها هڪڙي گناهہ جي قرباني آهي.
10
۽ جيڪو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو: هي بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ جيڪو منجهن رهندو هجي، تنهن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.
11
جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو:
12
ٽئين ڏينهن هو پاڻ کي انهي سان پاڪ ڪري، ۽ ستين ڏينهن بہ، پوءِ هو پاڪ ٿيندو: پر جيڪڏهن هو ٽئين ڏينهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، تہ هو ستين ڏينهن بہ پاڪ نہ ٿيندو.
13
جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي.
14
جيڪڏهن ڪنهن تنبوءَ ۾ ڪو ماڻهو مري تہ انهي جي واسطي هي قاعدو آهي: جيڪو بہ ماڻهو انهي تنبوءَ ۾ هجي، ۽ جيڪو بہ انهي تنبوءَ ۾ اچي، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.
15
۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو.
16
جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.
17
اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ هيئن ڪرڻ گهرجي تہ اها گناهہ جي قرباني، جا ساڙي ويئي، تنهن جي رک مان ڪجهہ کڻي هڪڙي ٿانو ۾ وجهي ۽ انهي تي چشمي جو پاڻي وجهن.
18
پوءِ هڪڙو ماڻهو زوفا کڻي انهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ۽ انهي تنبوءَ تي، ۽ سڀني ٿانون تي، ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن ترار سان ماريل ماڻهو کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا قبر کي هٿ لاتو هجي، تنهن تي ڇاٽاري:
19
اهو پاڪ ماڻهو ٽئين ڏينهن، ۽ ستين ڏينهن، انهيءَ ناپاڪ ماڻهو تي اهو ڇاٽاري، ۽ ستين ڏينهن هو انهي کي پاڪ ڪري؛ ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ شام جو هو پاڪ ٿيندو.
20
پر جيڪو ماڻهو ناپاڪ ٿيو هوندو، ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، سو ماڻهو جماعت منجهان تباهہ ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي: ۽ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي هن تي نہ ڇڻڪيو ويو؛ ۽ هو ناپاڪ آهي.
21
اهو هنن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: جيڪو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇاٽاري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ جيڪو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
22
۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36