bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 24
Numbers 24
Sindhi Bible
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
1
جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي مرضي آهي تہ آءٌ اسرائيل کي برڪت ڏيان، تڏهن هو ٻين وقتن وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، پر بيابان ڏانهن منهن ڪري هليو ويو.
2
۽ بلعام پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ اسرائيلين کي پنهنجن قبيلن موجب رهندو ڏٺائين؛ اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو.
3
تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:
4
جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:
5
اي يعقوب، تنهنجا تنبو، ۽ اي اسرائيل، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ چڱا آهن!
6
اهي اهڙا تہ پکڙيل آهن، جهڙيون ماٿريون، ۽ جهڙا ندين جي ڪنارن وارا باغ، ۽ جهڙا خداوند جا پوکيل عود جا ٻوٽا، ۽ پاڻيءَ جي ڀر وارا سرو جا وڻ.
7
پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.
8
خدا هن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هن ۾ ڄڻ تہ جهنگلي سان جهڙو زور آهي: جيڪي قومون هن جي برخلاف آهن، تن کي هو کائي کپائي ڇڏيندو، ۽ انهن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجن تيرن سان انهن کي ماريندو.
9
هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.
10
تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هو پنهنجا هٿ ملڻ لڳو: ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي انهي لاءِ سڏايو هو تہ منهنجن دشمنن تي لعنت ڪرين، پر تو هنن کي ٽي ڀيرا نسوري برڪت ڏني آهي.
11
سو هاڻي تون پنهنجي ملڪ ۾ ڀڄي وڃ: منهنجو خيال هو تہ تنهنجو مرتبو وڌايان؛ پر ڏس، خداوند توکي مرتبي کان روڪي ڇڏيو.
12
تنهن تي بلعام بلق کي چيو، تہ جيڪي قاصد تو مون ڏانهن موڪليا هئا، تن کي مون ائين نہ چيو هو ڇا تہ
13
جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان سواءِ، پنهنجيءَ مرضي موجب، هنن سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگهندس؛ جيڪي خداوند فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڳالهائيندس؟
14
هاڻي ڏس، آءٌ پنهنجيءَ قوم ڏانهن وڃان ٿو: تون اچ تہ تو کي اطلاع ڏيان تہ هيءَ قوم تنهنجيءَ قوم سان پوين ڏينهن ۾ ڇا ڪندي.
15
تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:
16
جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:
17
آءٌ هن کي ڏسان ٿو، پر هاڻي نہ: منهنجي هنن تي نظر پوي ٿي، پر ويجهڙائيءَ ۾ نہ: يعقوب منجهان هڪڙو تارو نڪرندو، ۽ اسرائيل منجهان هڪڙو عصو کڙو ٿيندو، جو موآب جي ڪنڊن کي ماريندو، ۽ سڀني فسادين کي ڀڃي ڇڏيندو.
18
هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو.
19
يعقوب مان هڪڙو بادشاهي ڪندو، ۽ جيڪي شهر ۾ رهجي ويندا تن کي برباد ڪندو.
20
پوءِ هن عماليقين ڏانهن نهاريو، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪيائين ۽ چوڻ لڳو تہ: عماليق قومن ۾ پهريون هو؛ پر هن جي پڇاڙي نيست ٿيندي.
21
پوءِ وري قينين تي نظر ڪيائين، ۽ مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪري چوڻ لڳو تہ: تنهنجي رهڻ جي جاءِ مضبوط آهي، ۽ تنهنجو آکيرو ٽڪر تي بنايو ويو آهي.
22
انهي هوندي بہ قين ويران ڪيو ويندو، ايتري قدر جو اسور توکي قيد ڪري وٺي ويندو.
23
۽ هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چيائين تہ: افسوس جڏهن خدا ائين ڪندو تڏهن ڪير جيئرو رهندو؟
24
پر ڪتيم جي ڪناري کان جهاز ايندا، ۽ اهي اسور ۽ عبر، ٻنهي کي ڏک ڏيندا: پوءِ هو پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.
25
پوءِ بلعام اُٿي روانو ٿيو، ۽ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويو، ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36