bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 30
Numbers 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
1
۽ موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن سان گفتگو ڪري، کين چيو تہ هيءَ اها ڳالهہ آهي، جنهن جو خداوند حڪم ڏنو آهي.
2
تہ جڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي يا قسم کڻي، ۽ ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي، تہ پوءِ هو پنهنجو ڪيل قول نہ ڀڃي؛ پر جيڪي سندن واتان نڪتو هجي، انهي موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري.
3
۽ جيڪڏهن ڪا زال خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي، ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي، ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي؛
4
۽ سندس پيءُ انهيءَ مڃتا يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو ٻڌي ماٺ ۾ رهي، ۽ ڪي بہ نہ چويس، تہ هن جون سڀ مڃتائون يا خاص فرض قائم رهندا.
5
پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ پوءِ هن جي ڪابہ مڃتا، يا ڪو خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، سو قائم نہ رهندو: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو، ڇالاءِ جو هن جي پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.
6
۽ جي انهيءَ زال جون مڃتائون، يا خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هجي، تنهن جي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ هن جي شادي ٿئي؛
7
۽ سندس مڙس جنهن ڏينهن اهي ٻڌي، انهي ڏينهن ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس: تہ هن جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي سڀ قائم رهندا.
8
پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.
9
پر ڪنهن بيوہ زال ۽ طلاق مليل زال جي مڃتا، يا خاص فرض، جنهن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا.
10
پر جيڪڏهن هن پنهنجي مڙس جي گهر ۾ ڪا مڃتا مڃي هوندي، يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندائين،
11
۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي هوندي، ۽ کيس منع نہ ڪئي هوندائين؛ تہ پوءِ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سي قائم رهندا.
12
پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي انهي ڏينهن اهي رد باطل ڪري ڇڏي؛ تہ پوءِ هن جي مڃتائن يا خاص فرض بابت جيڪي سندس واتان نڪتو هوندو، سو قائم نہ رهندو: ڇو تہ سندس مڙس اهي رد ڪري ڇڏيا آهن؛ ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.
13
هن جي هر ڪنهن مڃتا کي، يا سندس روح جي رياضت واري هر ڪنهن فرض کي، سندس مڙس چاهي تہ قائم رکي، يا چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.
14
پر جيڪڏهن هن جو مڙس روز بہ روز ماٺ ۾ رهي ۽ ڪي بہ نہ چويس؛ تہ هن جون سڀ مڃتائون ۽ خاص فرض، جي مٿس آهن تن کي هو قائم ٿو ڪري: هن انهن کي قائم ڪيو آهي، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن انهن جي خبر پيس، تنهن ڏينهن کيس ڪجهہ بہ ڪين چيائين.
15
پر اهي ٻڌي پوءِ جڏهن هو انهن کي رد ڪندو، تہ سندس زال جو گناهہ سندس سر تي ايندو.
16
هي آهن اُهي قانون، جي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وچ ۾، جڏهن هوءَ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، ۽ مڙس ۽ زال جي وچ ۾ عمل ۾ اچن؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36