bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 25
Numbers 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 26 →
1
۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:
2
۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.
3
انهي طرح اسرائيلي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا: ۽ خداوند کي اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
4
۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.
5
تڏهن موسيٰ اسرائيلين جي قاضين کي چيو، تہ اوهان جي ماڻهن مان جيڪي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا آهن تن کي قتل ڪري ڇڏيو.
6
۽ جڏهن سڀني بني اسرائيلين جماعت واري تنبوءَ جي در تي پئي رنو، تڏهن هڪڙو اسرائيلي، موسيٰ ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو، هڪڙيءَ مدياني زال کي پاڻ سان گڏ، پنهنجن ڀائرن وٽ وٺي آيو.
7
۽ جڏهن هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي پٽ فينحاس، هي ڏٺو، تڏهن هو جماعت منجهان اُٿيو ۽ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيائين؛
8
۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.
9
۽ جيڪي طاعون ۾ مئا سي چوويهہ هزار هئا.
10
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
11
فينحاس، بن اليعزر، بن هارون ڪاهن، منهنجي ڪاوڙ بني اسرائيل تان ٽاري آهي، ڇالاءِ جو اهو ئي هنن مان منهنجيءَ غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو، انهي ڪري مون بني اسرائيل کي پنهنجيءَ غيرت سببان نابود نہ ڪيو.
12
تنهنڪري تون چئُہ تہ آءٌ هن کي پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڏيان:
13
۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.
14
هاڻي، اهو اسرائيلي مرد، جو انهيءَ مدياني زال سان گڏ قتل ڪيو ويو، تنهن جو نالو زمري هو، ۽ هو سلو جو پٽ هو، جو شمعون جي قبيلي مان هڪڙي گهراڻي جو سردار هو.
15
۽ جيڪا مدياني زال قتل ڪئي ويئي، تنهن جو نالو ڪزبي هو، ۽ هوءَ صور جي ڌيءَ هئي؛ جو مديان جي هڪڙي گهراڻي جو رئيس هو.
16
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
17
اوهين مديانين کي ستايو ۽ انهن کي ماريو:
18
ڇالاءِ جو هو اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان ستائين ٿا، جيئن فغور واريءَ ڳالهہ ۾، ۽ ڪزبيءَ واريءَ ڳالهہ ۾ ٿيو، جا مديانين جي سردار جي ڌيءَ، ۽ سندن ڀيڻ هئي، ۽ طاعون واري ڏينهن قتل ڪئي ويئي.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36