bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 2
Numbers 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 3 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ
2
بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي نشانين سان تنبو کوڙي: اهي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، ۽ انهي جي آس پاس پنهنجا تنبو هڻن.
3
جيڪي اُڀرندي ڏانهن، يعني سج اُڀرڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين، سي يهوداهہ جي منزلگاهہ جي جهنڊي وارا پنهنجي لشڪرن موجب هجن: ۽ عمينداب جو پٽ نحسون، بني يهوداهہ جو سردار ٿئي.
4
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.
5
۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي اشڪار جي قبيلي وارا هجن، ۽ ضغر جو پٽ نتني ايل، بني اشڪار جو سردار ٿئي.
6
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
7
تنهن کان پوءِ زبولون جو قبيلو هجي، ۽ حيلون جو پٽ الياب، بني زبولون جو سردار ٿئي.
8
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار چار سؤ هئا.
9
سو يهوداهہ جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ هئا. اهي پهرين ڪوچ ڪن.
10
ڏکڻ واري پاسي روبن جي منزلگاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ شديور جو پٽ اليصور، بني روبن جو سردار ٿئي.
11
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
12
۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي شمعون جي قبيلي وارا هجن، ۽ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل، بني شمعون جو سردار ٿئي:
13
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا:
14
تنهن کان پوءِ جد جو قبيلو هجي؛ ۽ رعوايل جو پٽ الياسف بني جد جو سردار ٿئي:
15
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
16
سو روبن جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ ۽ پنجاهہ هئا. اهي ٻئي دفعي ۾ ڪوچ ڪن.
17
انهن کان پوءِ جماعت وارو تنبو لشڪرن جي وچ ۾، لاوين جي لشڪر سان گڏ ڪوچ ڪري اڳتي هلي: جهڙي طرح منزل ڪن، تهڙيءَ طرح ڪوچ ڪن، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، سندن جهنڊن جي ڀرسان هجي.
18
الهندي واري پاسي افرائيم جي منزلگاهہ جو جهنڊو، سندن لشڪرن موجب هجي: ۽ عميهود جو پٽ اليسمع بني افرائيم جو سردار ٿئي:
19
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
20
۽ انهي جي ڀرسان منسي جو قبيلو هجي، ۽ فداهصور جو پٽ جملي ايل بني منسي جو سردار ٿئي:
21
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
22
تنهن کان پوءِ بنيمين جو قبيلو هجي، ۽ جدعونيءَ جو پٽ ابدان، بني بنيمين جو سردار ٿئي:
23
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
24
سو افرائيم جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سندن لشڪرن موجب، هڪ لک اٺ هزار ۽ هڪ سؤ هئا. اهي ٽئين دفعي ۾ ڪوچ ڪن.
25
اُتر واري پاسي دان جي منزل گاهہ جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب هجي، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر، بني دان جو سردار ٿئي:
26
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.
27
۽ جيڪي انهن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي آشر جي قبيلي وارا هجن، ۽ عڪران جو پٽ فجعي ايل، بني آشر جو سردار ٿئي:
28
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.
29
تنهن کان پوءِ نفتاليءَ جو قبيلو هجي، ۽ عينان جو پٽ اخيرع، بني نفتاليءَ جو سردار ٿئي:
30
۽ انهي جو لشڪر، ۽ جن جو انهن مان شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.
31
سو دان جي منزلگاهہ مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي هڪ لک ستونجاهہ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا. اهي سڀني جي پٺيان پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان ڪوچ ڪن.
32
بني اسرائيل مان سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب جن جو شمار ڪيو ويو، سي اهي آهن، يعني منزلگاهن مان جن جو سندن لشڪرن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا؛
33
پر لاويءَ جي نسل وارا بني اسرائيل ۾ شمار نہ ڪيا ويا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
34
سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36