bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 8
Numbers 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 9 →
1
سو خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
2
هارون کي چئُہ تہ جڏهن تون ڏيئا ٻارين، تڏهن ست ئي ڏيئا شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪن.
3
سو هارون ائين ڪيو، جو انهيءَ شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
4
۽ شمعدان جي بناوٽ هن طرح هئي: اهو گهڙيل سون مان ٺهيل هو؛ تري کان گلن تائين سڄو گهڙيل هو: جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو هن شمعدان جوڙيو.
5
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
6
بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري مخصوص ڪر؛
7
۽ انهن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ هيئن ڪر: يعني پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي انهن تي ڇاٽار، ۽ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گهمائين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڻ کي پاڪ ڪن.
8
پوءِ هو هڪڙو وهڙو آڻين، ۽ انهي جي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين، ۽ تون گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻيو وهڙو وٺ؛
9
۽ تون لاوين کي جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آڻي حاضر ڪن، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت آڻي گڏ ڪر.
10
۽ تون لاوين کي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، ۽ بني اسرائيل پنهنجا هٿ لاوين تي رکن؛
11
۽ هارون بني لاوين کي خداوند جي حضور ۾، بني اسرائيل جي پاران لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪري؛ انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.
12
پوءِ لاوي پنهنجا هٿ وهڙن جي مٿن تي رکن، ۽ تون انهن وهڙن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، تہ لاوين جي واسطي ڪفارو ڏنو وڃي.
13
پوءِ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان آڻي بيهار، ۽ انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر.
14
انهيءَ طرح تون بني اسرائيل مان لاوين کي ڌار ڪر، پوءِ لاوي منهنجا ٿيندا.
15
انهي کان پوءِ لاوي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين، ۽ تون انهن کي پاڪ ڪري لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر؛
16
ڇالاءِ جو اهي سڀيئي بني اسرائيل مان مون کي پوريءَ طرح مليل آهن، ڇو جو مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن ٻارن جي بدلي، پنهنجي واسطي چونڊيو آهي:
17
بني اسرائيل مان سڀ پهريتا ٻار، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، اهي سڀ منهنجا آهن. جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀني پهريتن کي ماري وڌو، انهي ڏينهن مون هنن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو.
18
۽ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي ورتو آهي.
19
۽ بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي، مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ هو جماعت واري تنبوءَ ۾، بني اسرائيل جي عيوض خدمت ڪن، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪندا رهن؛ تہ جڏهن بني اسرائيل پاڪ مڪان جي ويجهو اچن، تڏهن منجهن طاعون نہ پوي.
20
سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو.
21
۽ لاوين پاڻ کي گناهہ کان پاڪ ڪيو، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا، ۽ هارون انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيو، ۽ هارون انهن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ڪيو.
22
انهي کان پوءِ لاوي پنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن انهن ساڻن ڪيو.
23
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
24
لاوين جي ذمي جيڪو ڪم آهي، سو هي آهي؛ يعني جن جي عمر پنجويهہ ورهيہ ۽ انهي کان مٿي هجي، سي جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن؛
25
۽ جڏهن پنجاهہ ورهين جا ٿين، تڏهن خدمت ڪرڻ کان بس ڪن، ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.
26
پر جماعت واري تنبوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ نگهبانيءَ جو ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻي ڪابہ خدمت نہ ڪن. سو جيڪي ڪم لاوين کي سونپيا ويا آهن، تن بابت تون ساڻن ائين ڪج.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36