bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 29
Numbers 29
Sindhi Bible
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 30 →
1
۽ ستين مهيني جي پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي لاءِ ترين وڄائڻ جو ڏينهن آهي.
2
اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ ست يڪسالا بي عيب گهيٽا:
3
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، تيل ۾ گڏيل ميدو، هرهڪ وهڙي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو.
4
۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي، هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو:
5
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي:
6
انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.
7
انهي ستين مهيني جي ڏهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:
8
پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛ اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:
9
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ گڏيل ميدو، هرهڪ وهڙي جي لاءِ ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،
10
۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو:
11
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ هيءَ قرباني، ڪفاري واريءَ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واري قربانيءَ کان ڌار پيش ڪجو.
12
۽ ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، ۽ ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو:
13
۽ اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ تيرهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا گهيٽا، جي سڀ بي عيب هجن، سي خداوند جي حضور ۾، وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ، باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو:
14
انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، تيل ۾ گڏيل ميدو، ۽ تيرهن وهڙن مان هرهڪ وهڙي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ هرهڪ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،
15
۽ چوڏهن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو:
16
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
17
وري ٻئي ڏينهن اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو:
18
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
19
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
20
وري ٽئين ڏينهن يارهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛
21
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
22
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
23
وري چوٿين ڏينهن ڏهہ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛
24
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
25
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
26
وري پنجين ڏينهن نوَ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛
27
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
28
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
29
وري ڇهين ڏينهن اٺ وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛
30
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن، ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
31
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
32
وري ستين ڏينهن ست وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا بي عيب گهيٽا پيش ڪجو؛
33
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي لاءِ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
34
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
35
اٺين ڏينهن اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:
36
پر اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا، خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو:
37
۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني، وهڙن، گهٽن ۽ گهيٽن جي شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو:
38
۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ؛ انهيءَ کان سواءِ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪجو.
39
اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو.
40
۽ موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36