bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 23
Numbers 23
Sindhi Bible
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 24 →
1
پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ، هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.
2
سو بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام چيو؛ ۽ بلق ۽ بلعام هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي.
3
پوءِ بلعام بلق کي چيو، تہ تون هتي پنهنجي سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ وڃان؛ شايد خداوند مون کي گڏجڻ لاءِ اچي: ۽ جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توکي ٻڌائيندس. ۽ هو هڪڙيءَ ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.
4
۽ خدا بلعام کي گڏيو: ۽ هن چيس، تہ مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي اٿم.
5
تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.
6
تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قرباني جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن.
7
تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ: موآب جي بادشاهہ مون کي سوريہ مان گهرايو، يعني اُڀرندي وارن جبلن مان گهرايو آهي: تہ اچي منهنجي خاطر يعقوب کي لعنت ڪر، ۽ اچي اسرائيل جي حقارت ڪر.
8
پر آءٌ ڪيئن انهي کي لعنت ڪريان، جنهن کي خداوند لعنت نہ ڪئي آهي؟ آءٌ ڪيئن انهي جي حقارت ڪريان، جنهن جي خداوند حقارت نہ ڪئي آهي؟
9
ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.
10
ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!
11
تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تو کي پنهنجن دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ آندو آهي، پر ڏس تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.
12
۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ مون کي انهي ڳالهہ جو خيال نہ ڪرڻ گهرجي ڇا تہ جيڪي خداوند مون کي ٻڌايو آهي سو ئي ٻڌايان؟
13
تڏهن بلق هن کي چيو، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هاڻي مون سان گڏجي، ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي ڏسي ڪين سگهندين؛ پر تون انهن جو رڳو پويون ڀاڱو ڏسندين: اتان منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪج.
14
سو هو کيس ضوفيم جي ميدان ۾، پسگہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، ۽ اتي ست قربانگاهون جوڙيائين، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.
15
۽ هن بلق کي چيو تہ تون هتي پنهنجيءَ سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ هُتي وڃي خداوند کي گڏجان.
16
۽ خداوند بلعام کي گڏيو، ۽ هن کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌايائين، ۽ چيائينس تہ بلق وٽ موٽي وڃ، ۽ هيئن وڃي چويس.
17
تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن. ۽ بلق هن کي چيو، تہ خداوند ڇا فرمايو آهي؟
18
تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ، اُٿ اي بلق ۽ ٻڌ: اي صفور جا پٽ مون ڏانهن ڪن ڏي:
19
خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟
20
ڏس مون کي حڪم مليو آهي تہ برڪت ڏيان: هن برڪت ڏني آهي، انهيءَ کي آءٌ بدلائي نٿو سگهان.
21
هن يعقوب ۾ ڪا بڇڙائي ڪانہ ڏٺي آهي، نڪي اسرائيل ۾ ڪا خرابي ڏٺي اٿس: خداوند هن جو خدا، هن سان آهي، ۽ بادشاهہ جي للڪار هنن منجهہ آهي.
22
خدا هنن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هنن ۾ ڄڻ جهنگلي سان جهڙو زور آهي.
23
يقين آهي تہ يعقوب تي ڪو جادو ڪونہ هلندو، نڪي اسرائيل تي ڪنهن فال جو اثر ٿيندو: بلڪ يعقوب ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ هاڻي ائين چوڻ ۾ ايندو، تہ خدا ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا!
24
ڏس، هيءَ قوم شينهڻ وانگر اُٿي ٿي، ۽ شينهن وانگي پاڻ کي کڙو ٿي ڪري: هوءَ تيسين ڪين سمهندي، جيسين شڪار مان ڪجهہ نہ کائي، ۽ مقتول جو رت نہ پيئي.
25
تڏهن بلق بلعام کي چيو، تہ تون انهن تي اصل لعنت نہ ڪر ۽ نڪي انهن کي برڪت ڏي.
26
پر بلعام ورندي ڏيئي بلق کي چيو تہ مون توکي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي آءٌ ڪندس؟
27
تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي هلان تہ من خدا راضي ٿئي، ۽ اتان تون منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪرين.
28
پوءِ بلق بلعام کي فعور جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، جتان هيٺ بيابان تي نظر پئجي ٿي سگهي.
29
۽ بلعام بلق کي چيو، تہ منهنجي لاءِ ست قربانگاهون جوڙاءِ، ۽ هتي منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گهٽا تيار ڪر.
30
سو بلق ائين ئي ڪيو، جيئن بلعام چيس، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36