bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Numbers 4
Numbers 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ،
2
بني لاويءَ مان، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪريو.
3
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.
4
جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪي تمام پاڪ شيون آهن، تن بابت قهات جي پٽن جي خدمت هيءَ آهي:
5
جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،
6
۽ مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش انهي تي وجهن، ۽ انهي جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.
7
۽ نذر جي مانيءَ واريءَ ميز تي آسماني ڪپڙو وڇائين، ۽ انهيءَ تي رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا رکن، ۽ هميشہ واري ماني بہ انهي تي رکن.
8
۽ انهيءَ جي مٿان قرمزي ڪپڙو وجهن، ۽ پوءِ انهيءَ کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.
9
پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائيءَ وارو شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، ۽ ڦلن لاهڻ جا چمٽا ۽ رڪابيون، ۽ تيل جا سڀ ٿانو، جيڪي انهي جي ڪم ۾ ٿا اچن، تن سڀني جي مٿان وجهن.
10
۽ انهي کي سندس سڀني ٿانون سميت، مل ار مڇيءَ جي کل جي پوش ۾ رکن، ۽ پوءِ انهي کي پڃري جي مٿان رکن.
11
۽ هو سوني قربانگاهہ جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهي کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.
12
۽ سڀيئي ٿانو، جيڪي پاڪ مڪان جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ کڻي هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ مل ار مڇيءَ جي کل جي پوشن سان ڍڪين، ۽ اهي بہ پڃري تي رکن.
13
۽ قربانگاهہ مان رک ڪڍي، مٿس آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.
14
۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.
15
۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.
16
۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جو ڪم هي ٿيندو: تہ هو ڏيئن ٻارڻ جي تيل، ۽ خوشبودار مصالحہ، ۽ نذر جي هميشہ واري قرباني، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ عبادت جي خيمي، ۽ انهي جي سموري سامان، ۽ پاڪ مڪان ۽ انهي جي سموري سامان، جي نگهباني ڪري.
17
۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ
18
اوهين بني قهات جي خاندان واري قبيلي کي، لاوين مان تباهہ ٿيڻ نہ ڏيو:
19
۽ اهي تمام پاڪ شين جي ويجهو اچڻ جي ڪري مري نہ پون، تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو تہ هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃي هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ پنهنجي پنهنجي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪن:
20
پر هو پاڪ مڪان ڏسڻ واسطي هڪڙي لحظي لاءِ بہ اندر نہ وڃن، متان هو مري پون.
21
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
22
جيرسون جي پٽن جو بہ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.
23
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪر.
24
بني جيرسون جي خاندانن جو، خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:
25
تہ هو عبادت جي خيمي جا پردا، ۽ جماعت وارو تنبو ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ انهي جي مٿان جيڪو مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش آهي، سو ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو،
26
۽ خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس واري اڱڻ جا پردا، ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو، ۽ انهن جا رسا، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ سامان کڻن؛ ۽ ٻيو جيڪو ڪم انهن شين سان ڪيو وڃي، سو سڀ اهي ئي ڪن.
27
بني جيرسون جو خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ جو سمورو ڪم، هارون ۽ سندس پٽن جي حڪم موجب ٿئي: ۽ جيڪو بار هنن کي کڻڻو هجي، سو اوهين مقرر ڪري انهن جي ذمي ڏجو.
28
جماعت واري تنبوءَ ۾، بني جيرسون جي خاندانن جي اها خدمت آهي، ۽ اهي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ رهن.
29
۽ تون مراريءَ جي پٽن جو بہ سندس خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.
30
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪو جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿئي، تن سڀني جو شمار ڪر.
31
۽ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هنن جو هي ڪم آهي: تہ هو عبادت جي خيمي جا تختا ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا،
32
۽ انهي جي آس پاس واري اڱڻ جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جون ڪليون، ۽ انهن جا رسا، سڀني اوزارن ۽ خدمت جي سامان سميت، اهي ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي بہ اوزار انهن کي کڻڻا هجن، سي اوهين ناليوار انهن جي ذمي ڏجو.
33
جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.
34
سو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ جماعت جي سردارن، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪيو.
35
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون؛
36
۽ انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ست سؤ ۽ پنجاهہ هئا.
37
سو بني قهات جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.
38
۽ جيرسون جي پٽن مان جن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو،
39
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،
40
يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ڇهہ سؤ ۽ ٽيهہ هئا.
41
يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.
42
۽ مراريءَ جي پٽن مان جن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو،
43
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،
44
يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٽي هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.
45
سو بني مراريءَ جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي اِهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي معرفت موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.
46
سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، يعني جن جو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي سردارن، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو،
47
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ بار کڻڻ جي ڪم لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون.
48
سو انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي اٺ هزار پنج سؤ ۽ اسي هئا.
49
اهي خداوند جي حڪم موجب، پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ بار کڻڻ جي ڪم موجب، موسيٰ جي هٿان شمار ڪيا ويا: انهيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن انهن جو شمار ڪيو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36