bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 10
Zechariah 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 11 →
1
پوئين مينهن جي موسم ۾، خداوند کان گهُرو تہ مينهن وسائي. هائو، خداوند کان، جو بجلي ٿو چمڪائي؛ هو ججهو مينهن موڪليندو، ۽ هر ڪنهن لاءِ ٻنيءَ ۾ گاهہ اُڀرندو.
2
ڇالاءِ تہ افرائيم ڪوڙ ڳالهايو آهي، ۽ فالن وجهندڙن ڪوڙ ڏٺو، ۽ هنن ڪوڙا خواب ٻڌايا آهن، ۽ هنن جي دلداري اجائي آهي: انهيءَ ڪري هو رڍن وانگر رُلي ويا آهن ۽ ڏک سَٺا اٿن، ڇالاءِ جو هنن جو ڪو ريڍار ڪونهي.
3
منهنجي ڪاوڙ ريڍارن تي اُٿي آهي، ۽ آءٌ ٻڪرن کي سزا ڏيندس: تہ بہ لشڪرن جي خدا پنهنجي ڌڻ، يعني بني اسرائيل تي نگاهہ ڪئي آهي، ۽ انهن کي جنگ ۾ پنهنجي خوبصورت گهوڙي وانگر ڪندو.
4
انهن مان ئي ڪنڊ جو پٿر، ۽ ڪلو، ۽ جنگي ڪمان، ۽ سڀ حاڪم نڪرندا.
5
۽ اُهي پهلوانن وانگر لڙائيءَ ۾ دشمنن کي رستي جي گپ وانگر لتاڙيندا؛ ۽ اهي وڙهندا، ڇالاءِ جو خداوند انهن سان آهي: ۽ گهوڙي سوار مُنجهي پوندا.
6
۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.
7
۽ بني افرائيم پهلوانن وانگر ٿيندا، ۽ سندن دل اهڙي خوش ٿيندي، جهڙي شراب پيئڻ سان ٿيندي آهي: هائو، سندن اولاد بہ ڏسندو ۽ خوشي ڪندو؛ سندن دل خداوند ۾ خوش رهندي.
8
آءٌ سيٽي وڄائي کين گڏ ڪندس؛ ڇالاءِ تہ مون سندن قيمت ڏني آهي: ۽ هو ائين وڌندا ويجهندا جيئن اڳي هئا.
9
جيتوڻيڪ مون کين غير قومن ۾ پوکيو آهي، تہ بہ هو انهن ملڪن ۾ مون کي ياد ڪندا: هو پنهنجن ٻچن سميت زندہ رهندا ۽ موٽي ايندا.
10
آءٌ کين مصر جي ملڪ مان موٽائي آڻيندس؛ ۽ اسور مان گڏ ڪندس؛ ۽ جلعاد ۽ لبنان جي سرزمين تي پهچائيندس؛ ايترو جو رهڻ لاءِ جاءِ ڪانہ هوندي.
11
۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.
12
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي خداوند ۾ زور بخشيندس؛ ۽ هو سندس نالو وٺي گهُمندا ڦرندا.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14