bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 12
Zechariah 12
Sindhi Bible
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 13 →
1
اسرائيل جي بابت خداوند جي طرفان نبوت جو ڪلام. خداوند جنهن آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ زمين جو بنياد وڌو اٿس، ۽ اسان جي اندر پنهنجو روح پيدا ڪيو اٿس، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ
2
ڏسو، آءٌ يروشلم کي آس پاس جي سڀني قومن لاءِ چڪر کائڻ وارو پيالو ڪندس، ۽ يروشلم جي گهيري وقت يهوداہ جو بہ اهڙو ئي حال ٿيندو.
3
۽ آءٌ انهيءَ ڏينهن يروشلم کي سڀني قومن لاءِ هڪڙو ڳورو پٿر بنائيندس، ۽ جيڪي ان کي کڻندا، سي سڀ سخت ڦٽجي پوندا؛ ۽ زمين جون سڀ قومون گڏجي اُن جي برخلاف ٿينديون.
4
خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ هر ڪنهن گهوڙي کي ڊپ کان ڇرڪائيندس، ۽ هر ڪنهن سوار کي چريو ڪندس: ۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي تي نگاهہ رکندس، ۽ قومن جي سڀني گهوڙن کي انڌو ڪندس.
5
تڏهن يهوداہ جا سردار پنهنجي دل ۾ چوندا، تہ يروشلم جا رهاڪو، لشڪرن جي خداوند، پنهنجي خدا جي سبب اسان جي طاقت آهن.
6
انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.
7
۽ خداوند يهوداہ جي تنبن کي پهريائين بچائيندو، تہ دائود جي گهراڻي جو جلال، ۽ يروشلم جي رهاڪن جو جلال، يهوداہ کان وڍجي نہ وڃي.
8
انهيءَ ڏينهن خداوند يروشلم جي رهاڪن جو بچاءُ ٿيندو؛ ۽ انهن مان سڀ ڪنهن کان ضعيف دائود وانگر ٿيندو، ۽ دائود جو گهراڻو خدا وانگر يعني خدا جي فرشتي وانگر ٿيندو، جو سندن اڳيان اڳيان هلي ٿو.
9
۽ هيئن ٿيندو تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني قومن کي، جي يروشلم جي برخلاف ايندا، ناس ڪندس.
10
۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.
11
۽ انهيءَ ڏينهن يروشلم ۾ وڏو ماتم ٿيندو؛ جهڙيءَ طرح مجدون جي واديءَ ۾ هددرمون جي لاءِ ماتم ٿيو هو.
12
۽ سڄو ملڪ ماتم ڪندو، هرڪو گهراڻو جدا جدا؛ دائود جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ ناتن جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛
13
لاويءَ جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛ سمعي جو گهراڻو علحدو، ۽ انهن جون زالون علحديون؛
14
۽ باقي جيڪي گهراڻا بچيل هوندا، سي سڀ علحدا علحدا، ۽ انهن جون زالون علحديون علحديون ماتم ڪنديون.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14