bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 11
Zechariah 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 12 →
1
اي لبنان، تون پنهنجن دروازن کي کول، تہ باهہ تنهنجي ديودار جي وڻن کي ڳهي وڃي.
2
اي صنوبر جا وڻ، واويلا ڪر، ڇالاءِ جو ديودار ڪري پيو آهي، ۽ شان وارا شرمندا ٿيا آهن: اي بسني بلوط، واويلا ڪر، ڇالاءِ تہ مضبوط ٻيلو ڪري پيو آهي.
3
ريڍارن جي روئڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو سندن شان گم ٿي ويو آهي: جوان شينهن جي گرجڻ جو آواز آهي! ڇالاءِ جو يردن جو جهنگ برباد ٿي ويو آهي.
4
خداوند منهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ جيڪي رڍون ڪوس لاءِ آهن، انهن کي چارو ڏي؛
5
جن جا مالڪ هنن کي ڪُهن ٿا، ۽ پاڻ کي بي ڏوهي ٿا سمجهن؛ ۽ جن جا سوداگر چون ٿا، تہ خداوند برڪت وارو آهي، جو آءٌ دولتمند ٿيو آهيان: ۽ خود سندن ريڍار رحم نٿا ڪن.
6
تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ ملڪ جي رهاڪن تي رحم ڪين ڪندس: پر ڏس، آءٌ هر ڪنهن شخص کي سندس پاڙيسريءَ جي هٿ ۾، ۽ سندس بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪندا، ۽ آءٌ کين انهن جي هٿان نہ ڇڏائيندس.
7
انهيءَ ڪري مون انهن رڍن کي، جي ڪوس لاءِ تيار هيون، يعني ڌڻ جي مسڪينن کي، چارو ڏنو، ۽ مون پنهنجي لاءِ ٻہ لٺيون هٿ ڪيون؛ هڪڙيءَ جو نالو مهرباني ۽ ٻيءَ جو نالو ميلاپ رکيو؛ ۽ ڌڻ کي چارو ڏنم.
8
۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.
9
تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين.
10
تڏهن مون انهيءَ لٺ کي، جنهن جو نالو مهرباني هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيو؛ تہ آءٌ انهيءَ عهد اقرار کي، جو مون سڀني قومن سان ٻَڌو هو، تنهن کي ڀڃي ڇڏيان.
11
۽ اُهو اُنهيءَ ڏينهن ڀڄي پيو: تڏهن ڌڻ جي مسڪينن، جي منهنجي ٻڌندا هئا، تن سمجهيو تہ هي خداوند جو ڪلام آهي.
12
۽ مون کين چيو تہ، جي اوهان جي نگاهہ ۾ اهو واجب هجي، تہ اوهين منهنجي مزوري مون کي ڏيو، نہ تہ ٺهيو. سو هنن منهنجي مزوريءَ لاءِ ٽيهہ روپيا توري ڏنا.
13
۽ خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ اهي ڪنڀار جي اڳيان ڦٽا ڪر، يعني اُها وڏي قيمت، جا هنن منهنجي لاءِ مقرر ڪئي هئي، ۽ مون اهي ٽيهہ روپيا کڻي ڪنڀار جي سامهون خداوند جي گهر ۾ ڦٽا ڪيا.
14
تڏهن مون ٻيءَ لٺ، يعني ميلاپ کي بہ ڀڃي ڇڏيو، تہ آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل جي برادريءَ کي بہ ڀڃي ڇڏيان.
15
۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ تون وري بہ بي عقل ريڍار جو سامان کڻ.
16
ڇالاءِ جو ڏس، تہ آءٌ ملڪ ۾ اهڙو ريڍار اُٿاريندس، جو گمراهہ ٿيلن جي خبر نہ لهندو، ۽ جي پکڙيل آهن، تن کي بہ نہ ڳوليندو، ۽ نڪي ڏکين جو علاج ڪندو؛ نہ هو چڱن کي چاريندو، پر دُنبن جو گوشت کائيندو ۽ سندن ٽنگون چيري ڦاڙيندو.
17
افسوس، انهيءَ نالائق ريڍار تي، جو ڌڻ کي ڇڏي ٿو وڃي! هن جي ساڄيءَ ٻانهن ۽ ساڄيءَ اک تي ترار اچي ڦرندي؛ هن جي ٻانهن بلڪل سُڪي ويندي ۽ هن جي ساڄي اک انڌي ٿي ويندي.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14