bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 2
Zechariah 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 3 →
1
۽ مون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جي ڏور هئي.
2
تڏهن مون پڇيومانس تہ تون ڪاڏي ٿو وڃين؟ ۽ هن مون کي چيو تہ يروشلم کي ماپڻ لاءِ ٿو وڃان؛ انهيءَ لاءِ تہ ڏسان تہ اُن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ ڪيتري آهي.
3
۽ ڏس، جنهن فرشتي مون سان ٿي ڳالهايو، سو ٻاهر نڪري ويو، ۽ ٻيو هڪڙو فرشتو هن کي گڏجڻ لاءِ نڪتو.
4
۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.
5
ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ خود انهي لاءِ چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس، ۽ آءٌ انهي جي وچ ۾ جلالي ٿيندس.
6
ٻڌو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُتر واريءَ زمين کان ڀڄي وڃو، ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن هوائن وانگر ڪشادو پکيڙي ڇڏيو آهي.
7
اي صيون، تون جا بابل جي ڌيءَ سان گڏ ٿي رهين، ڀڄي وڃ.
8
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جلال جي لاءِ هن مون کي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦُريو لُٽيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪو اوهان کي ڇُهي ٿو، سو هن جي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇُهي.
9
ڏس، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ ٿو لوڏيان، ۽ هو انهن لاءِ لٽ ٿي پوندا جن سندن ٻانهپ ٿي ڪئي، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي موڪليو آهي.
10
اي صيون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اچان ٿو، ۽ تنهنجي وچ ۾ رهندس.
11
۽ اُنهيءَ ڏينهن گهڻيون ئي قومون خداوند سان شامل ٿينديون، ۽ منهنجي قوم ٿينديون: ۽ آءٌ تنهنجي وچ ۾ رهندس، ۽ توکي معلوم ٿيندو تہ لشڪرن جي خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي.
12
۽ خداوند کي يهوداہ جي پاڪ زمين ۾ سندس موروثي حصو ملندو، ۽ هو اڃا بہ يروشلم کي پسند ڪندو.
13
اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14