bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 7
Zechariah 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 8 →
1
دارا بادشاهہ جي بادشاهت جي چوٿين سال جي نائين مهيني ۾، يعني ڪسليو مهيني جي چوٿين تاريخ، خداوند جو ڪلام زڪرياہ تي نازل ٿيو، تہ
2
هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن،
3
۽ لشڪرن جي خداوند جي گهر جي ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن، تہ اسين پنجين مهيني ۾ پاڻ کي جدا ڪري، ماتم ڪريون ڇا، جيئن سال بسال اسان ڪيو آهي؟
4
تڏهن لشڪرن جي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو،
5
تہ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان پنجين ۽ ستين مهيني ۾ اهي ستر سال روزا رکيا ۽ ماتم ڪيو، تہ ڇا منهنجي لاءِ، بلڪ خاص منهنجي لاءِ، روزا رکندا هئا ڇا؟
6
۽ جڏهن اوهين کائو يا پيئو ٿا، تہ پنهنجي لاءِ نٿا کائو پيئو ڇا؟
7
جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ مالدار هو، ۽ سندس چوڌاري شهر ۽ ڏکڻ واري ۽ هيٺانهين زمين آباد هئي، تڏهن اوهان کي اهو ڪلام جو خداوند اڳي نبين جي معرفت ڪيو، سو نہ ٻڌڻ کپندو هو ڇا؟
8
۽ خداوند جو ڪلام زڪرياہ تي نازل ٿيو، تہ
9
لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ سچائيءَ سان عدالت ڪريو، ۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ تي مهرباني ۽ رحم ڪري:
10
۽ بيوهہ زال، ۽ يتيم، ۽ مسافر، ۽ مسڪين تي ظلم نہ ڪريو؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف دل ۾ برو خيال نہ رکي.
11
پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن.
12
هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.
13
۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛
14
پر آءٌ کين سڀني قومن ۾، جن جا هو واقف نہ آهن، واچوڙي سان ڇڙوڇڙ ڪندس. ائين ئي ملڪ هنن کانپوءِ ويران ٿي ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ آمدرفت ڪانہ هئي: ڇالاءِ جو هنن دلپسند ملڪ کي ويران ڪيو.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14