bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 3
Zechariah 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 4 →
1
۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو.
2
۽ خداوند شيطان کي چيو، تہ اي شيطان، خداوند توتي ملامت ڪري، هائو، خداوند جنهن يروشلم کي پسند ڪيو آهي، سو تو تي ملامت ڪري. هيءَ اُها اُماڙي آهي ڇا جا باهہ مان بچائي ويئي آهي؟
3
هاڻي يشوع کي گندا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو فرشتي جي اڳيان بيٺو هو.
4
پوءِ هن اُهي جي سندس سامهون بيٺا هئا، تن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن جا گندا ڪپڙا هن تان لاهيو: ۽ هن کي چيائين تہ ڏس مون تنهنجي بدڪاري تو تان لاهي ڇڏي آهي، ۽ آءٌ توکي سهڻا ڪپڙا ڍڪائيندس.
5
۽ مون چيو، تہ ڀلي هن جي مٿي تي چڱي پڳ آڻي ٻڌن. انهيءَ موجب هنن هڪڙي سٺي پڳ هن جي مٿي تي آڻي ٻڌي، ۽ ڪپڙا ڍڪيائونس؛ ۽ خداوند جو فرشتو پاسي ۾ بيٺو رهيو.
6
۽ خداوند جي فرشتي يشوع کي تاڪيد ڪري چيو، تہ
7
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون منهنجي راهہ ۾ هلندين ۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين، تہ تون بہ منهنجي گهر تي حڪم هلائيندين، ۽ منهنجي ايوان جي سنڀال ڪندين، ۽ آءٌ توکي هي جيڪي بيٺا آهن، تن ۾ بيهڻ جي جاءِ ڏيندس.
8
هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.
9
ڇالاءِ جو اهو پٿر ڏس جو مون يشوع جي اڳيان رکيو آهي؛ هڪڙي پٿر کي ست اکيون آهن: ڏس، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ان تي نقش اُڪريندس ۽ آءٌ هڪڙي ڏينهن ۾ انهيءَ زمين جو سڄو گناهہ مٽائيندس.
10
انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڊاک ۽ انجير جي وڻ هيٺان سڏيندو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14