bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 4
Zechariah 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 5 →
1
۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، سو وري مون وٽ آيو، ۽ مون کي ائين اچي اُٿاريائين، جيئن ڪنهن کي ننڊ مان اُٿاربو آهي.
2
۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.
3
۽ انهيءَ جي پاسي ۾ ٻہ زيتون جا وڻ آهن، هڪڙو پيالي جي ساڄي پاسي ۽ ٻيو ان جي کاٻي پاسي.
4
۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي مون ورندي ڏيئي چيو، تہ اي منهنجا سائين هي ڇا آهن؟
5
تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن ورندي ڏيئي چيو، تہ تون نٿو ڄاڻين تہ هي ڇا آهن؟ ۽ مون چيو تہ اي منهنجا سائين، نہ.
6
تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.
7
اي وڏا جبل، تون ڇا آهين، زروبابل جي اڳيان تون ميدان ٿي ويندين: ۽ جڏهن هو چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي ايندو تڏهن ماڻهو پڪاري چوندا تہ هن تي فضل ٿئي، فضل ٿئي.
8
۽ خداوند جو ڪلام وري مون تي نازل ٿيو، تہ
9
زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي.
10
ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.
11
تڏهن هن مون کان پڇيو، تہ اهي زيتون جا وڻ جي شمعدان جي سڄي ۽ کٻي پاسي آهن، اُهي ڇا آهن؟
12
۽ مون وري ٻيو ڀيرو بہ هن کان پڇيو، تہ اهي ٻئي زيتون جون شاخون جي سونين نلين جي پاسي ۾ آهن، ۽ جن مان سنهري تيل نڪري ٿو، سي ڇا آهن؟
13
۽ هن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڇا تون نٿو ڄاڻين تہ اهي ڇا آهن؟ ۽ مون چيو تہ اي منهنجا سائين، نہ،
14
تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14