bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 5
Zechariah 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
1
تڏهن مون وري اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڏس، هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي آهي.
2
۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي.
3
تڏهن هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها لعنت آهي جا سڄي ملڪ تي نازل ٿيندي: ۽ انهيءَ موجب سڀڪو چور، ۽ ڪوڙي قسم کائڻ وارو هتان وڍيو ويندو.
4
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ کي موڪليان ٿو، تہ اهو چور جي گهر ۾ گهڙي، ۽ انهيءَ جي گهر ۾ بہ جو منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم ٿو کڻي؛ ۽ انهيءَ جي وچ ۾ وڃي رهي، ۽ انهيءَ جي گهر کي ڪاٺيءَ ۽ پٿر سميت ناس ڪري.
5
تڏهن انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو، تنهن نڪري مون کي چيو، تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ ڏس، تہ هيءُ جيڪو وڃي ٿو سو ڇا آهي؟
6
۽ مون چيو تہ اهو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ اهو ايفہ آهي جو وڃي ٿو. ۽ ايترو بہ وڌيڪ چيائين تہ سڄي ملڪ ۾ اها هنن جي شڪل آهي.
7
(۽ ڏس، شيهي جو هڪڙو گول ڍڪ مٿي کنيو ويو:) ۽ هڪڙي زال ايفہ ۾ ويٺل نظر آئي.
8
۽ هن چيو تہ اها شرارت آهي؛ ۽ هن انهيءَ کي ايفہ ۾ هيٺ دٻائي، شيهي جو ڍڪ انهيءَ جي منهن تي رکي ڇڏيو.
9
تڏهن مون پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏسان تہ ٻہ زالون نڪري آيون، جن جي پيرن ۾ هوا هئي؛ هاڻي هنن جا پر لقلق پکيءَ جي پرن جهڙا هئا: ۽ اُهي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ايفہ کي کڻي ويون.
10
تڏهن مون انهيءَ فرشتي جنهن مون سان پئي ڳالهايو تنهن کي چيو، تہ اهو ايفہ هو ڪاڏي کڻي ٿيون وڃن؟
11
۽ هن مون کي چيو تہ سنعار جي ملڪ ڏانهن، تہ اتي انهي لاءِ گهر جوڙين، ۽ جڏهن اهو تيار ٿئي، تہ هيءَ پنهنجي جاءِ ۾ رکي وڃي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14