bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Zechariah 6
Zechariah 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 7 →
1
۽ وري مون اکيون مٿي کڻي نهاريو، ۽ ڏس، تہ ٻہ پتل جا جبل هئا، جن جي وچان چار گاڏيون نڪري آيون.
2
پهرين گاڏيءَ جا گهوڙا ڳاڙها هئا؛ ۽ ٻيءَ گاڏيءَ جا گهوڙا مشڪي هئا؛
3
۽ ٽينءَ گاڏيءَ جا گهوڙا سفيد هئا؛ ۽ چوٿين گاڏيءَ جا گهوڙا چٽڪمرا هئا.
4
۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کان مون پڇيو تہ اي منهنجا سائين، هي ڇا آهن؟
5
۽ فرشتي مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اهي آسمان جون چار هوائون آهن، جي دنيا جي مالڪ جي حضوريءَ مان ٿيون نڪرن.
6
جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛
7
۽ ڪميت گهوڙا زمين تي هيڏي هوڏي گهُمڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا: ۽ هن چين تہ اوهين هتان وڃو، ۽ زمين تي هيڏي هوڏي گهُمو: سو اُهي سڄيءَ زمين جي سطح تي هيڏي هوڏي گهُمڻ لڳا.
8
تڏهن هن مون کي پڪاري چيو تہ ڏس، اهي جيڪي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا تن منهنجي روح کي اُتر واري ملڪ ۾ آرام ڏنو آهي.
9
۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ،
10
تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛
11
۽ انهن کان سون ۽ چاندي وٺي هڪڙو ڇٽ ٺاهہ، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن کي پهراءِ؛
12
۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو:
13
هائو، اهو ئي خداوند جو هيڪل تيار ڪندو؛ ۽ انهيءَ جو ئي شان ٿيندو، ۽ هو تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو؛ ڪاهن بہ سندس تخت تي ويهندو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ صلح سلامتيءَ جي صلاح رهندي.
14
۽ اهو ڇٽ حليم، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ، ۽ حين بن صفنياہ جي لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ يادگار رهندو.
15
۽ اُهي جي پري آهن، سي اچي خداوند جي هيڪل کي ٺاهيندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند، پنهنجي خدا جا فرمانبردار ٿيندا، تہ اُهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14