bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 1
2 Kings 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 2 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ اخياب جي وفات کان پوءِ موآب وارن اسرائيل جي خلاف بغاوت ڪئي.
2
اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخياب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعلزبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“
3
پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’ اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعلزبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟
4
تنهنڪري هاڻي بادشاهہ کي وڃي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ جنهن کٽ تي بادشاهہ پيو آهي تنهن تان وري هيٺ نہ لهندو، هو ضرور مرندو.‘“ سو الياس اُٿي روانو ٿيو.
5
پوءِ جڏهن قاصد بادشاهہ وٽ موٽي آيا، تڏهن هن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو موٽي آيا آهيو؟“
6
هنن وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو اچي اسان سان مليو، جنهن اسان کي اوهان ڏانهن خداوند جو هي پيغام ٻڌائڻ لاءِ موٽائي روانو ڪيو تہ ’ اسرائيل ملڪ ۾ ڪو معبود ڪونهي ڇا جو تون عقرون شهر جي معبود بعلزبوب کان پڇي اچڻ لاءِ ماڻهو موڪلين ٿو؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور مرندين.‘“
7
بادشاهہ کانئن پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪهڙي منهن مهانڊي جو هو جيڪو اوهان کي اچي گڏيو ۽ اها ڳالهہ ڪيائين؟“
8
هنن وراڻيو تہ ”هن کي جسم تي گھڻا وار هئا ۽ چيلهہ سان هڪڙو چم جو پٽو ٻڌل هئس.“ بادشاهہ چيو تہ ”اهو پڪ الياس تشبي آهي.“
9
تڏهن بادشاهہ پنجاهہ سپاهين جي هڪڙي سالار کي سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ان وقت الياس ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، سو سالار وڃي کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’هيٺ لهي اچ.‘“
10
الياس ان سالار کي وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ پوءِ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان باهہ لٿي، جنهن سالار ۽ سندس پنجاهہ ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو.
11
تنهن کان پوءِ بادشاهہ وري هڪ ٻيو پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت الياس ڏانهن موڪليو. انهيءَ سالار کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’جلد هيٺ لهي اچ.‘“
12
الياس کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ خدا جو ٻانهو آهيان تہ آسمان مان باهہ لهي اچي ۽ تو کي ۽ تنهنجي پنجاهہ ئي ماڻهن کي ساڙي ڇڏي.“ تڏهن آسمان مان خدا باهہ موڪلي ۽ سالار کي سندس پنجاهہ ماڻهن سميت ساڙي ڇڏيائين.
13
بادشاهہ وري ٽيون پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ٽيون سالار مٿي چڙهي ويو ۽ الياس جي اڳيان گوڏا کوڙي، منٿ ڪندي کيس چيائين تہ ”اي خدا جا ٻانها! مون تي ۽ هنن پنجاهہ ماڻهن تي رحم جي نظر ڪريو. اسين توهان جا ٻانها آهيون سو اسان کي جيئدان ڏيو.
14
جيئن تہ اڳين ٻنهي سالارن کي پنهنجن پنجاهہ پنجاهہ سپاهين سوڌو آسمان مان باهہ لهي اچي ساڙي ڇڏيو، پر اسان تي رحم جي نظر ڪريو.“
15
تڏهن خداوند جي ملائڪ الياس کي چيو تہ ”هنن سان گڏ هيٺ لهي وڃ، کانئن نہ ڊڄ.“ سو الياس اٿيو ۽ انهن سان گڏ لهي بادشاهہ ڏانهن ويو.
16
هن بادشاهہ کي چيو تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’تو ڇو عقرون جي معبود بعلزبوب کان پڇا ڪرڻ لاءِ قاصد موڪليا آهن؟ ڇا اسرائيل ملڪ ۾ اهڙو ڪو معبود ڪونهي جنهن کان پڇا ڪجي؟ تنهنڪري جنهن کٽ تي تون پيو آهين تنهن تان هيٺ نہ لهندين، پر تون ضرور اتي ئي مرندين.‘“
17
سو جيئن خدا الياس جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي بادشاهہ اخزياہ مري ويو. جيئن تہ اخزياہ کي ڪو پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام ولد يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾، اخزياہ جو ڀاءُ يورام سندس تخت تي ويٺو.
18
ٻيو جيڪي ڪجھہ بادشاهہ اخزياہ ڪيو سو ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25