bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 15
2 Kings 15
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 16 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ جي بادشاهيءَ جي ستاويهين سال، عُزياہ ولد امصياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
2
جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تہ سندس عمر سورهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٻاونجاهہ سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو يڪولياہ هو جيڪا يروشلم جي رهاڪو هئي.
3
هن پنهنجي پيءُ امصياہ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
4
انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جي پوڄا گھرن کي ڪين ڊاٺو ويو. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.
5
خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.
6
عُزياہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪم هن ڪيو سو ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
7
عُزياہ وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس پٽ يوتام سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
8
يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اٺٽيهين سال، زڪرياہ ولد يربعام ثاني ولد نباط سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ ڇهہ مهينا بادشاهي ڪيائين.
9
هن پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.
10
سلوم ولد يبيس هن جي خلاف سازش ڪئي ۽ کيس ماڻهن جي روبرو ڌڪ هڻي ماري وڌائين. پوءِ انهيءَ جي جاءِ تي هو پاڻ بادشاهہ بڻيو.
11
زڪرياہ جو باقي ٻيو احوال ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
12
اهڙيءَ طرح خداوند جيڪو واعدو ييهوءَ سان ڪيو هو سو پورو ٿيو تہ ”تنهنجو اولاد چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ويهندو ايندو.“
13
يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال سلوم ولد يبيس بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي هڪڙو مهينو بادشاهي ڪئي.
14
مناحم ولد جادي ترضہ شهر کان ڪاهہ ڪري سامريہ شهر ۾ آيو ۽ سلوم ولد يبيس کي قتل ڪري سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ بڻيو.
15
سلوم جو باقي احوال ۽ جيڪا سازش ڪيائين، سي سڀ ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
16
مناحم جڏهن ترضہ کان ڪاهہ ڪيون پئي آيو تڏهن هن رستي تي تفسح شهر کي ۽ سندس رهاڪن ۽ ان جي آسپاس وارن کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو، ايستائين جو هن پيٽ وارين عورتن جا بہ پيٽ ڦاڙي ڇڏيا. هن اهو انهيءَ ڪري ڪيو جو اتان جي ماڻهن هن لاءِ دروازو کولڻ کان انڪار ڪيو هو.
17
يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي اوڻيتاليهين سال، مناحم ولد جادي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل ڏهہ سال بادشاهي ڪئي.
18
هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن پنهنجي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.
19
انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.
20
مناحم اهي پئسا اسرائيل جي دولتمندن کان ڪڍيا. هر هڪ امير ماڻهوءَ کي پنجاهہ چانديءَ جا سڪا اشور جي شهنشاهہ لاءِ ڏيڻا پيا. پوءِ اهو لشڪر پوئتي موٽي ويو ۽ اسرائيل ملڪ ۾ وڌيڪ نہ ترسيو.
21
مناحم جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
22
مناحم وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو ۽ سندس پٽ فقحياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
23
يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي بادشاهيءَ جي پنجاهين سال فقحياہ ولد مناحم سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ٻہ سال بادشاهي ڪيائين.
24
فقحياہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.
25
سندس مکيہ سالارن مان هڪڙي فقحہ ولد رملياہ نالي هن جي خلاف سازش ڪئي. هن پنجاهہ جِلعادين سان گڏجي سامريہ جي شاهي محل واري قلعي ۾ ارجُوب ۽ ارِيہ سان گڏ فقحياہ کي قتل ڪيو ۽ سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ بڻيو.
26
فقحياہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
27
يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي ٻاونجاهين سال، فقحہ ولد رملياہ سامريہ شهر ۾ رهي اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو ۽ اٽڪل ويهہ سال بادشاهي ڪيائين.
28
هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هن بادشاهہ يربعام ولد نباط وارن گناهن کان پاسو نہ ڪيو، جن سان يربعام اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايا هئا.
29
فقحہ جي ڏينهن ۾ اشور جو شهنشاهہ تِگلت پلاسر اسرائيل ملڪ تي ڪاهہ ڪري آيو ۽ عيون، ابيل بيتمعڪہ، ينوحاہ، قادس ۽ حصور شهر، جِلعاد جو علائقو، گليل ڍنڍ جي آسپاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي هيٺ ڪيائين ۽ هو ماڻهن کي پڻ قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو.
30
پوءِ فقحہ ولد رملياہ خلاف هوسيع ولد ايلہ سازش ڪئي ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. يوتام ولد عُزياہ جي بادشاهيءَ جي ويهين سال هوسيع پاڻ اسرائيل جو بادشاهہ بڻيو.
31
فقحہ جو باقي احوال ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ هن ڪيو، سو سڀ ” اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
32
اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال، يوتام ولد عُزياہ يهوداہ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.
33
جڏهن هو بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي ۽ يروشلم ۾ رهي هن اٽڪل سورهن سال بادشاهي ڪئي. سندس ماءُ جو نالو يروسا هو، جيڪا صدوق جي ڌيءَ هئي.
34
هن پنهنجي پيءُ عُزياہ وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
35
انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا پوڄا گھر نہ ڊاٺا ويا ۽ ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا. يوتام خداوند جي گھر جو مٿيون دروازو ٺهرايو.
36
يوتام جو باقي احوال ۽ جيڪي ڪجھہ هن ڪيو سو سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
37
انهن ڏينهن ۾ خداوند ارام جي بادشاهہ رضين ۽ اسرائيل جي بادشاهہ فقحہ ولد رملياہ کي يهوداہ تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو.
38
يوتام وفات ڪري ويو ۽ کيس پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. يوتام جو پٽ آخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25