bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 5
2 Kings 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 6 →
1
ارام جي بادشاهہ جو هڪڙو سپهہسالار هو جنهن جو نالو نعمان هو. پنهنجي مالڪ جي نظر ۾ هو وڏو ڳُڻن ڀريو ماڻهو هو ۽ سندس وڏي عزت هئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي وسيلي خداوند ارام ملڪ کي فتح ڏني هئي. هو هڪ بهادر سپاهي هو، پر کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري هئي.
2
اسرائيل وارن سان جھڙپ دوران ارامي لشڪر وارا سندن هڪڙي ننڍي ڇوڪري قيد ڪري وٺي آيا هئا، جيڪا نعمان جي زال جي نوڪرياڻي بڻائي ويئي.
3
انهيءَ ڇوڪريءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سانئڻ کي چيو تہ ”جيڪڏهن منهنجو مالڪ سامريہ ۾ رهندڙ نبيءَ سان وڃي ملي تہ هو کيس بيماريءَ مان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سگھي ٿو!“
4
جڏهن نعمان اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو بادشاهہ وٽ ويو ۽ اسرائيل جي ڇوڪريءَ جيڪي چيو هو سو کيس ٻڌايائين.
5
تڏهن بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ڀلي وڃ. آءٌ تو کي اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن خط بہ ڏيان ٿو.“ سو نعمان پاڻ سان ٽي سؤ پنجاهہ ڪلوگرام چاندي، ستر ڪلوگرام سون ۽ ڏهہ جوڙا ڪپڙن جا کڻي روانو ٿيو.
6
جيڪو خط هن اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن آندو هو تنهن ۾ لکيل هو تہ ”هن خط سان آءٌ پنهنجي نوڪر نعمان کي موڪليان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ توهين کيس ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماريءَ مان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرايو.“
7
جيئن ئي اسرائيل جي بادشاهہ خط پڙهيو تيئن ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائين تہ ”آءٌ ڪو خدا آهيان ڇا جو ماريان ۽ جياريان! هي بادشاهہ ڇو هڪڙي ڪوڙهہ جهڙي چمڙي جي بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ مون ڏانهن ٿو موڪلي؟ ڏسو تہ ڪيئن نہ هو مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ وجھہ ٿو ڳولي.“
8
جڏهن خدا جي ٻانهي اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”تو ڇو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ انهيءَ ماڻهوءَ کي مون ڏانهن موڪل تہ کيس خبر پوي تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي.“
9
سو نعمان پنهنجي گھوڙي گاڏين سميت اليشع جي در تي اچي بيٺو.
10
اليشع هن ڏانهن قاصد جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”وڃي اردن درياءَ ۾ ست ڀيرا غسل ڪر، پوءِ تو کي اها بيماري صفا ڇڏي ويندي ۽ تون پاڪ ٿي پوندين.“
11
پر نعمان کي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين تہ ”مون سوچيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ٻاهر نڪري ايندو ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي، انهيءَ بيماريءَ جي مٿان پنهنجو هٿ ڦيري مون کي چڱو ڀلو ڪندو.
12
نہ تہ دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني ندين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ آءٌ انهن ۾ غسل ڪري پاڪ نہ ٿو ٿي سگھان ڇا؟“ سو هو ڪاوڙ ۾ اتان موٽيو.
13
تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“
14
سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.
15
پوءِ نعمان ۽ سندس سمورا نوڪر چاڪر خدا جي ٻانهي وٽ موٽي آيا. نعمان سندس اڳيان بيهي چيو تہ ”هاڻ مون ڄاڻي ورتو تہ خدا جيڪو اسرائيل ۾ آهي تنهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ مبعود ڪونهي. سو مهرباني ڪري هاڻي اوهين پنهنجي ٻانهي کان تحفو قبول ڪريو.“
16
اليشع نبيءَ وراڻيس تہ ” خداوند جيئري جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان، تہ آءٌ تو کان ڪجھہ بہ نہ وٺندس.“ توڙي جو کڻي نعمان زور ڪيس تہ بہ هن انڪار ڪيو.
17
تڏهن نعمان کيس چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين تحفو نہ ٿا وٺو تہ پوءِ هڪڙي مهرباني ڪريو جو مون پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ آءٌ هتان ٻہ خچر مٽيءَ جا ڀري پاڻ سان پنهنجي گھر کڻي وڃان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ توهان جو ٻانهو اڄ کان وٺي اڳتي ڪنهن بہ ٻئي معبود جي اڳيان نہ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪندس ۽ نہ وري ڪا ٻي قرباني ، پر رڳو خداوند جي حضور ۾ قرباني پيش ڪندس.
18
پر خداوند شال مون کي رڳو هن هڪڙي ڳالهہ جي معافي ڏئي جو جڏهن آءٌ بادشاهہ سان گڏجي سندس معبود رمون آڏو وڃان ۽ کيس سهارو ڏيندي سندس آڏو جھڪان، تڏهن شل خداوند توهان جي هن ٻانهي کي انهيءَ ڳالهہ جي معافي ڏئي.“
19
اليشع کيس چيو تہ ”تون دلجاءِ ڪري هليو وڃ.“ پوءِ هو وٽانئس هليو ويو. جڏهن نعمان اڃان ٿوري ئي پنڌ تائين ويو هو تہ
20
خدا جي ٻانهي اليشع جي خدمتگار جيحازيءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”منهنجي مالڪ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو ۽ جيڪي هن آندو هو سو کانئس نہ ورتائين. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙي وڃي کانئس ڪجھہ نہ ڪجھہ وٺندس.“
21
سو جيحازي نعمان جي پٺيان ويو. جڏهن نعمان کيس پنهنجي پٺيان ڊوڙندو ايندي ڏٺو، تڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ تان هيٺ لهي پيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”ٻيو تہ سڀ خير آهي؟“
22
جيحازيءَ وراڻيو تہ ”هائو، ٻيو سڀ خير آهي. منهنجي مالڪ مون کي موڪليو آهي ۽ چوايو اٿس تہ ’بلڪل هينئر، افرائيم جي جابلو علائقي مان مون وٽ نبين جي جماعت مان ٻہ ڄڻا آيا آهن. مهرباني ڪري انهن جي لاءِ پنجٽيهہ ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ڏي.‘“
23
نعمان وراڻيس تہ ”مهرباني ڪري ستر ڪلوگرام چانديءَ جا کڻي وڃ.“ هن جيحازيءَ تي زور ڀريو ۽ ستر ڪلوگرام چاندي ۽ ٻہ وڳا ڪپڙن جا ٻن ڳوٿرن ۾ وڌائين. هن اهي پنهنجي ٻن نوڪرن کي ڏنا ۽ اُهي جيحازيءَ جي اڳيان کڻي هليا.
24
جڏهن جيحازي ٽڪريءَ وٽ پهتو تڏهن هن اُهي نعمان جي نوڪرن کان ورتا ۽ پنهنجي گھر ۾ ئي رکي ڇڏيائين. پوءِ جيحازي انهن نوڪرن کي موڪل ڏني ۽ هو هليا ويا.
25
تنهن بعد هو اندر اچي پنهنجي مالڪ اليشع جي اڳيان بيٺو. اليشع کانئس پڇيو تہ ”اي جيحازي! تو ڪيڏانهن ويو هئين؟“ جيحازيءَ وراڻيو تہ ”اوهان جو ٻانهو ڪيڏانهن بہ ڪين ويو هو.“
26
اليشع چيس تہ ”منهنجو روح ان وقت تو سان نہ هو ڇا جڏهن اهو ماڻهو تو سان گڏجڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ تان هيٺ لٿو هو؟ هي ڪو چاندي وٺڻ، ڪپڙن وٺڻ، يا زيتون ۽ انگورن جي باغن، ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين، ٻانهن يا ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟
27
تنهنڪري نعمان واري ڪوڙهہ جهڙي چمڙيءَ جي بيماري تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ لڳندي.“ پوءِ جيحازي جڏهن وٽانئس نڪتو تہ کيس اهڙي ئي بيماري اچي لڳي ۽ سندس کل بلڪل اڇي ٿي ويئي.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25