bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 12
2 Kings 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 13 →
1
اسرائيل جي بادشاهہ ييهوءَ جي بادشاهيءَ جي ستين سال، يوآس يهوداہ تي بادشاهہ بڻيو ۽ هن اٽڪل چاليهہ سال يروشلم ۾ رهي بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو ضبياہ هو، جيڪا بيرسبع شهر جي هئي.
2
يوآس پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، ڇو تہ يهويدع ڪاهن سندس رهنمائي ڪندو هو.
3
انهيءَ هوندي بہ غير معبودن جا سمورا پوڄا گھر ڪين ڊاٺا ويا. ماڻهو اڃا بہ اتي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.
4
بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.
5
پوءِ اهي پئسا ڀلي جيڪو بہ ڪاهن وصول ڪري، سو انهن مان خداوند جي هيڪل ۾ جتي جتي بہ ڀڳٽٽ نظر اچي ان جي مرمت ڪرائي.“
6
پر يوآس بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال تائين ڪاهنن هيڪل جي ڪابہ مرمت ڪانہ ڪرائي.
7
سو بادشاهہ يوآس يهويدع ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي گھر جي مرمت ڇو نہ ٿا ڪرايو؟ اڳتي اوهان کي جيڪي پئسا ملن سي پاڻ وٽ نہ رکو، بلڪ هيڪل جي مرمت لاءِ مقرر ڪيل ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيندا ڪريو.“
8
ڪاهنن اها ڳالهہ قبول ڪئي تہ ”اسين اڳتي ماڻهن کان پئسا نہ وٺنداسين ۽ نہ وري پنهنجي سر هيڪل جي مرمت ڪرائينداسين.“
9
پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي پيتي کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو سوراخ ڪري هيڪل ۾ قربانگاهہ جي ڀرسان ايندڙ ماڻهن جي ساڄي پاسي ۾ رکي ڇڏي. جيڪي ڪاهن دربان مقرر هئا سي هيڪل لاءِ ماڻهن کان ملندڙ پئسا انهيءَ پيتيءَ ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.
10
جڏهن بہ پيتي پئسن سان ڀرجي ويندي هئي، تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن ايندا هئا ۽ اهي پئسا ڳڻي ڳوٿرين ۾ وجھي ڇڏيندا هئا.
11
تنهن کان پوءِ اهي ڳڻيل پئسا هيڪل ۾ ڪم جي نگراني ڪندڙن کي ڏنا ويندا هئا. هو وري اهي ڪم ڪندڙن کي ڏيندا هئا، يعني واڍن، رازن،
12
اوساري ڪرڻ وارن ۽ سنگ تراشن کي. هو ڪاٺ ۽ تراشيل پٿر بہ انهن پئسن مان خريد ڪندا هئا. ٻيو جيڪو ڪجھہ بہ خرچ هيڪل جي مرمت تي لڳندو هو تنهن لاءِ پڻ هو پئسا ڏيندا هئا.
13
پر هيڪل جي چانديءَ جي پيالن، ڦلن لاهڻ جي چمٽن، ٿالهين، توتارن ۽ سون يا چانديءَ جي ڪنهن بہ ٿانو ٺهرائڻ تي انهن پئسن مان ڪجھہ بہ خرچ نہ ڪيو ويندو هو.
14
اهي پئسا خداوند جي گھر جي رڳو مرمت لاءِ ڪم ڪندڙن کي ڏنا ويندا هئا.
15
ڪم ڪرڻ وارن کي پئسا ڏيڻ لاءِ جيڪي ماڻهو مقرر هئا تن کان ڪوبہ حساب ڪتاب نہ ورتو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو ايمانداريءَ سان هلندا هئا.
16
قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين جا پئسا پيتيءَ ۾ نہ وڌا ويندا هئا. پر اهي پئسا ڪاهنن جي ملڪيت هوندا هئا.
17
انهيءَ دوران ارام جي بادشاهہ حزائيل، جات شهر تي حملو ڪري مٿس قبضو ڪري ورتو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ ڦريو.
18
يهوداہ جي بادشاهہ يوآس اهي سڀ نذرانا جيڪي هن جي ابن ڏاڏن يهوسفط، يهورام ۽ اخزياہ ۽ هن پاڻ خداوند لاءِ وقف ڪيا هئا ۽ جيڪو بہ سون هيڪل ۽ محل جي خزانن ۾ موجود هو سو سڀ هن ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن تحفي طور ڏياري موڪليو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم کي ڇڏي موٽي ويو.
19
بادشاهہ يوآس جو باقي احوال ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي.
20
يوآس جي عملدارن سندس خلاف سازش ڪئي ۽ کيس مِلو واري محل ۾ قتل ڪيائون، جيڪو سِلہ شهر ڏانهن ويندڙ رستي تي لاهيءَ ۾ آهي.
21
جن عملدارن هن کي قتل ڪيو سي يوسڪار ولد سماعت ۽ يهوزبد ولد شومير هئا. سندس لاش کي دائود جي شهر ۾ سندس ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو. پوءِ سندس پٽ امصياہ سندس جاءِ تي بادشاهہ مقرر ٿيو.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25