bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 20
2 Kings 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 21 →
1
انهن ئي ڏينهن ۾ حزقياہ بادشاهہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ کي وڃي پهتو. تڏهن يسعياہ نبي وٽس ويو ۽ کيس چيائين تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’پنهنجي گھر جي باري ۾ تو کي جيڪي ڪجھہ ڪرڻو آهي، سو ڪري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ تون مرڻ وارو آهين ۽ وري صحتياب نہ ٿيندين.‘“
2
تڏهن حزقياہ ڦري پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھريائين تہ
3
”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.
4
بادشاهہ جي محل مان نڪري يسعياہ اڃا مرڪزي اڱڻ وٽ مس پهتو تہ خداوند کيس فرمايو تہ
5
”پوئتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي اڳواڻ حزقياہ کي وڃي چئُہ تہ آءٌ خداوند ، سندس ڏاڏي دائود جو خدا چوان ٿو تہ ’مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا اٿم. تنهنڪري آءٌ تو کي شفا بخشيندس ۽ ٽئين ڏينهن تي تون هيڪل ۾ وڃي سگھندين.
6
آءٌ تنهنجي عمر پندرهن سال وڌايان ٿو. آءٌ تو کي ۽ هن شهر کي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن مان ڇڏائيندس. هائو، آءٌ هن شهر کي پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر بچائيندس.‘“
7
يسعياہ خدا جو فرمان ٻڌايو ۽ حزقياہ جي نوڪرن کي چيائين تہ ” انجير جي هڪڙي ٽڪي آڻي بادشاهہ جي ڦرڙيءَ تي رکو تہ هو چڱو ڀلو ٿي پوندو.“
8
تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”انهيءَ جي ڪهڙي نشاني آهي جو خداوند مون کي شفا ڏيندو ۽ ٽئين ڏينهن تي آءٌ هيڪل ۾ عبادت لاءِ ويندس؟“
9
يسعياہ وراڻيس تہ ”اهو ثابت ڪرڻ لاءِ تہ هو پنهنجو واعدو پورو ڪندو آهي خداوند تو کي هڪ نشاني ڏيندو. ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿو چاهين تہ پاڇولو ڏهہ قدم اڳتي وڃي يا پوئتي هٽي وڃي؟“
10
حزقياہ وراڻيو تہ ”پاڇولو تہ اڳتي ويندو رهندو ئي آهي. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهو ڏهہ قدم پوئتي هٽي وڃي.“
11
تڏهن يسعياہ نبيءَ خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند پاڇولي کي ڏهہ قدم پوئتي موٽايو، جيڪو آخز بادشاهہ جي محل جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو هو.
12
تن ڏينهن بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلہدان ولد بلہدان پنهنجي ايلچين جي هٿان بادشاهہ حزقياہ ڏانهن خط ۽ سوکڙيون پاکڙيون موڪليون، ڇاڪاڻ تہ هن حزقياہ جي بيماريءَ بابت ٻڌو هو.
13
حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جو اهو گدام ڏيکاريائين، جنهن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلح خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ نہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي.
14
تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”اهي ماڻهو ڪٿان آيا هئا ۽ تو کي ڇا چيائون؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”اهي تمام ڏورانهين ملڪ بابل کان آيا هئا.“
15
يسعياہ کانئس پڇيو تہ ”هنن تنهنجي محل ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟“ حزقياہ وراڻيو تہ ”منهنجي محل ۾ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ هنن ڏٺو آهي. منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جيڪا مون هنن کي نہ ڏيکاري هجي.“
16
تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ ”ٻڌ، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
17
يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.
18
تنهنجي پنهنجي اولاد مان ڪيترن ئي کي قيد ڪري نيو ويندو ۽ کين نامرد بڻائي بابل جي بادشاهہ جي محل ۾ خواجہسرا ڪري رکيو ويندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.“
19
تڏهن حزقياہ بادشاهہ يسعياہ کي وراڻيو تہ ” خداوند جو جيڪو فرمان تو ٻڌايو آهي سو ٺيڪ آهي.“ هن اهو انهيءَ ڪري چيو جو سوچيائين تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تہ امن وَ سلامتي رهندي.
20
حزقياہ جا باقي ٻيا ڪم جيڪي هن پنهنجي بادشاهيءَ دوران ڪيا، سندس ڪارناما ۽ سوڀون، پاڻيءَ جو تلاءُ ٺهرائڻ ۽ اها سرنگھہ جيڪا هن شهر ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ ٺهرائي، سي سڀ ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
21
حزقياہ وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. پوءِ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25