bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 22
2 Kings 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 23 →
1
جڏهن يوسياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر اٺ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ايڪٽيهہ سال بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو جديدہ هو، جيڪا بصقت شهر واري عداياہ جي ڌيءَ هئي.
2
هن اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. هو پنهنجي وڏي دائود جي سڀني رستن تي هليو، انهن کان ساڄي يا کاٻي بلڪل نہ لڙيو.
3
پنهنجي بادشاهيءَ جي ارڙهين سال، يوسياہ بادشاهہ پنهنجي شاهي محرر سافن ولد اصلياہ ولد مسلام کي خداوند جي گھر موڪليو. هن کيس چيو تہ
4
”تون سردار ڪاهن خلقياہ وٽ وڃ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند جي گھر ۾ ماڻهن جا آندل پئسا، جيڪي هيڪل جي دربانن ماڻهن کان وٺي گڏ ڪيا آهن، تن جو حساب ڪتاب ڪيو وڃي.
5
پوءِ اهي پئسا انهن ماڻهن کي ڏنا وڃن جيڪي خداوند جي گھر جي نظرداري ٿا ڪن، تانتہ هو اهي پئسا خداوند جي گھر ۾ مرمت جو ڪم ڪرڻ وارن کي ڏين،
6
يعني واڍن کي، اڏاوت ڪندڙن کي ۽ رازن کي. ان کان علاوہ هيڪل جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪاٺ ۽ تراشيل پٿرن جي خريداري بہ ڪئي وڃي.
7
جيڪي پئسا هنن کي ڏنا وڃن تن جو کانئن حساب نہ ورتو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هو ايمانداريءَ سان ٿا هلن.“
8
جڏهن سافن بادشاهہ جو حڪم کڻي سردار ڪاهن خلقياہ وٽ ويو، تڏهن خلقياہ سافن کي چيو تہ ”مون خداوند جي گھر مان شريعت جو ڪتاب لڌو آهي.“ پوءِ هن اُهو ڪتاب سافن کي ڏنو جنهن اُهو پڙهيو.
9
پوءِ سافن يوسياہ بادشاهہ وٽ موٽي آيو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جيڪي پئسا خداوند جي گھر ۾ هئا سي تنهنجي عملدارن ڪڍي ڳڻي ڪري ڪم وارن کي ۽ خداوند جي گھر جي نظرداري ڪندڙن کي ڏيئي ڇڏيا آهن.“
10
پوءِ سافن بادشاهہ کي ٻڌايو تہ ”خلقياہ ڪاهن مون کي هڪڙو ڪتاب ڏنو آهي.“ سافن اهو ڪتاب بادشاهہ جي اڳيان پڙهي ٻڌايو.
11
جڏهن يوسياہ بادشاهہ شريعت جي ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن هن پشيمان ٿيندي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.
12
پوءِ هن سردار ڪاهن خلقياہ، اخيقام ولد سافن، عڪبور ولد ميڪاياہ، شاهي محرر سافن ۽ پنهنجي خدمتگار عساياہ کي هي حڪم ڏنو تہ
13
”اوهين وڃي منهنجي، ٻين ماڻهن جي ۽ سڄي يهوداہ جي طرفان هن لڌل ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين بابت خداوند کان پڇا ڪريو. خداوند اسان تي ضرور ڏمريو هوندو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب جي ڳالهين کي ڪونهي مڃيو جو اسان بابت جيڪي هن ۾ لکيل آهي تنهن تي پوريءَ طرح عمل ڪن ها.“
14
تڏهن خلقياہ ڪاهن ، اخيقام، عڪبور، سافن ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نالي نبياڻيءَ ڏانهن ويا، جيڪا يروشلم جي نئين آباديءَ واري علائقي ۾ رهندي هئي. هن جو مڙس سلوم ولد تقوم ولد خرخس هو ۽ هو هيڪل جي توشاخاني جو نگران هو. هنن وڃي نبياڻيءَ سان سڄو احوال ڪيو.
15
تڏهن انهيءَ عورت کين چيو تہ ”جنهن اوهان کي مون وٽ موڪليو آهي تنهن کي وڃي چئو تہ
16
خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ياد رکو، آءٌ هن يروشلم شهر تي ۽ اتي رهڻ وارن تي مصيبت نازل ڪرڻ وارو آهيان، يعني انهن سڀني ڳالهين سبب جيڪي ان ڪتاب ۾ لکيل آهن جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي.
17
جيئن تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ غير معبودن اڳيان قربانيون پيش ڪيون اٿن ۽ پنهنجن اعمالن سان مون کي ڪاوڙايو اٿن، انهيءَ ڪري منهنجي ڪاوڙ يروشلم تي ڀڙڪي آهي جيڪا هرگز جھڪي نہ ٿيندي.‘
18
يهوداہ جو بادشاهہ جنهن اوهان کي خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ هتي موڪليو آهي، تنهن کي وڃي چئو تہ جيڪو ڪلام هن ٻڌو آهي تنهن بابت خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ
19
’جيئن ئي تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌو جنهن ۾ مون چيو آهي تہ اهي لعنتي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال ٿيندا، تنهنجي دل نرم هئي، سو تو عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.
20
جيڪا سزا آءٌ هن هنڌ ۽ هتي رهڻ وارن کي ڏيندس سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. تون انهيءَ کان اڳ سڪون سان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين.‘“ سو اهي ماڻهو خداوند جو اهو پيغام کڻي يوسياہ بادشاهہ وٽ موٽي آيا.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25