bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 2
2 Kings 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 3 →
1
انهيءَ وقت جڏهن خداوند الياس کي هڪڙي وڏي واچوڙي ۾ مٿي آسمان ڏانهن کڻي وڃڻ وارو هو، تنهن وقت الياس ۽ اليشع جِلجال شهر کان روانا ٿيا.
2
الياس واٽ تي اليشع کي چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند بيتايل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع چيس تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا بيتايل ڏانهن ويا.
3
جيڪي نبي بيتايل ۾ رهندا هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي. اوهين ماٺ رهو.“
4
پوءِ الياس اليشع کي چيو تہ ”اي اليشع! تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند يريحو شهر ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ سو هو ٻيئي ڄڻا يريحو شهر ڏانهن ويا.
5
تڏهن جيڪي نبي يريحو ۾ رهندا هئا سي اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي، پر اوهين ماٺ رهو.“
6
پوءِ الياس کيس چيو تہ ”تون هتي ترسي پئُہ. مون کي خداوند اردن درياءَ ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي.“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”جيئري خداوند ۽ تنهنجي سر جو قسم آهي تہ آءٌ تو کي ڇڏي نہ ويندس.“ پوءِ هو ٻيئي اڳتي هليا.
7
نبين مان پنجاهہ ڄڻا اردن درياءَ ڏانهن انهن جي پٺيان ويا. الياس ۽ اليشع اردن درياءَ جي ڀرسان بيهي رهيا ۽ اهي پنجاهہ نبي پرڀرو سندن سامهون بيهي رهيا.
8
الياس پنهنجي چادر لاٿي ۽ ويڙهي سيڙهي پاڻيءَ تي هنيائين تہ پاڻي ٻہ حصا ٿي پيو. پوءِ هو ٻيئي ڄڻا اتان سڪيءَ مان لنگھي درياءَ جي هُن ڀر ويا.
9
جڏهن هو ٽپي هُن ڀر ٿيا تڏهن الياس اليشع کي چيو تہ ”انهيءَ کان اڳ جو آءٌ تو وٽان مٿي کنيو وڃان، ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان.“ اليشع وراڻيس تہ ”مون کي پنهنجي روحانيت جي ٻن حصن جو وارث ڪريو.“
10
الياس کيس چيو تہ ”تو ڏکيو سوال ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن تو مون کي مٿي کڄي وڃڻ مهل ڏٺو تہ تو کي اهو ملندو، پر جيڪڏهن تو مون کي نہ ڏٺو تہ پوءِ تو کي اهو نہ ملندو.“
11
جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.
12
اليشع اهو ڏسي رڙيون ڪري چوڻ لڳو تہ ”منهنجا ابا! اي منهنجا ابا! اي اسرائيل جا محافظ!“ جڏهن الياس اليشع جي نظرن کان غائب ٿي ويو، تڏهن اليشع پنهنجي ڪپڙن کي وٺي ڦاڙيو.
13
پوءِ هن اها چادر کنئي جيڪا الياس تان ڪري پيئي هئي ۽ موٽي وڃي اردن درياءَ جي ڪناري تي بيهي رهيو.
14
تڏهن هن الياس جي چادر جھلي پاڻيءَ تي هنئي ۽ چيائين تہ ” خداوند ، الياس جو خدا ڪٿي آهي؟“ جڏهن هن پاڻيءَ کي ڌڪ هنيو تڏهن پاڻي چيرجي ٻہ حصا ٿي پيو ۽ اليشع پار لنگھي ويو.
15
يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ” الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون.
16
پوءِ هنن کيس چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها پنجاهہ زورآور ماڻهو آهيون. سو اسان کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي مالڪ کي ڳوليون. شايد خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن ماٿريءَ ۾ اڇلايو هجي.“ تنهن تي اليشع وراڻيو تہ ”نہ، اوهين نہ وڃو.“
17
جڏهن هنن گھڻو زور ڀريس تڏهن کيس وڌيڪ انڪار ڪندي شرم ٿي آيو، تنهنڪري کين چيائين تہ ”ڀلي وڃو.“ پوءِ اهي پنجاهہ ئي ڄڻا ويا ۽ ٽن ڏينهن تائين گھڻو ئي الياس کي ڳوليائون، پر کيس نہ لڌائون.
18
تڏهن اهي اليشع وٽ موٽي آيا جيڪو يريحو شهر ۾ ئي ترسيو پيو هو. اليشع کين چيو تہ ”مون اوهان کي چيو نہ هو تہ نہ وڃو؟“
19
تنهن وقت يريحو شهر جا ڪي ماڻهو اليشع وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيئن تہ اوهان کي خبر آهي تہ هي شهر هڪ سٺي هنڌ تي ٻڌل آهي، مگر هتان جو پاڻي نقصانڪار آهي ۽ زمين بہ غير آباد آهي.“
20
تڏهن اليشع کين چيو تہ ”هڪڙي ڪوري پيالي ۾ لوڻ وجھي اهو مون وٽ کڻي اچو.“ سو هنن اُهو هن کي آڻي ڏنو.
21
پوءِ هو نڪري پاڻيءَ جي چشمي وٽ ويو ۽ انهيءَ ۾ اُهو لوڻ اڇلائي چيائين تہ ” خداوند فرمائي ٿو تہ ’مون هن پاڻيءَ کي صاف سٿرو بڻايو آهي، اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ انهيءَ سان موت يا غير آبادي نہ ٿيندي.‘“
22
اهڙيءَ طرح اليشع جي چوڻ موجب اڄ ڏينهن تائين پاڻي صاف سٿرو رهيو آهي.
23
پوءِ اليشع اتان نڪري بيتايل ڏانهن روانو ٿيو. جيئن ئي هو واٽ وٺيو پئي ويو، تيئن ڪجھہ ننڍا ڇوڪرا شهر مان نڪري آيا ۽ مٿس ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هل ڙي گنجا! هل ڙي گنجا!“
24
هن پٺ تي منهن ورائي انهن کي ڏٺو ۽ خداوند جو نالو وٺي کين پٽيائين. تڏهن ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون جن انهن ڇوڪرن مان ٻائيتاليهن ڄڻن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.
25
پوءِ هو اتان نڪري ڪرمل جبل ڏانهن ويو ۽ اتان موٽي سامريہ شهر ۾ آيو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25