bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 24
2 Kings 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 25 →
1
يهويقيم جي بادشاهيءَ دوران، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن جي ملڪ تي چڙهائي ڪري آيو ۽ يهويقيم ٽي سال هن جي ڍل ڀريندڙ ٿي رهيو، پر پوءِ هن نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي.
2
خداوند بابلين، ارامين، موآبين ۽ بني عمون جا ٽولا يهوداہ ملڪ تي موڪليا. خداوند کين انهيءَ لاءِ موڪليو تہ هو يهوداہ کي تباهہ ڪن، جيئن هن پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت اڳ ۾ فرمايو هو.
3
بيشڪ يهوداہ سان اهو سڀ ڪجھہ خداوند جي حڪم موجب ئي ٿيو، تہ جيئن هو يهوداہ وارن کي منسيءَ جي گناهن جي ڪري پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍي ڇڏي.
4
خاص طور منسيءَ بيگناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.
5
يهويقيم جي بادشاهيءَ جا ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا سي ”يهوداہ جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.
6
يهويقيم وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. پوءِ سندس پٽ يهوياڪين سندس جاءِ ٿي بادشاهہ بڻيو.
7
مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي بادشاهہ مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي قبضي هيٺ آيل سمورو علائقو پنهنجي قبضي ڪري ڇڏيو هو.
8
جڏهن يهوياڪين بادشاهہ ٿيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل ٽي مهينا بادشاهي ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو نحشتا هو جيڪا يروشلم جي رهاڪو الناتن جي ڌيءَ هئي.
9
هن اهي ئي ڪم ڪيا جهڙا سندس پيءُ ڪيا هئا ۽ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.
10
انهيءَ دوران بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جا سالار يروشلم تي ڪاهي آيا ۽ ان کي گھيرو ڪري ويهي رهيا.
11
انهيءَ دوران بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پاڻ بہ اتي اچي پهتو.
12
تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين، سندس ماءُ، سندس خدمتگار، سندس سپهہسالار ۽ سندس عملدار سڀ نڪري اچي نبوڪدنضر جي آڏو پيش پيا. بابل جي بادشاهہ پنهنجي بادشاهيءَ جي اٺين سال يهوداہ جي بادشاهہ کي قيدي بڻائي وٺي ويو.
13
سو جيئن خداوند اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تيئن نبوڪدنضر خداوند جي هيڪل مان ۽ شاهي محل مان سڀ خزانا ميڙي سيڙي کڻائي ويو ۽ سون جون اهي شيون بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون جيڪي اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون.
14
هو انهن سڀني يروشلم وارن کي قيدي بڻائي وٺي ويو، جن ۾ سڀ عملدار، سالار، ڪاريگر ۽ هنرمند، جملي ڏهہ هزار ڄڻا هئا. ملڪ جا رڳو غريب ترين ماڻهو ئي يهوداہ ۾ ڇڏيا ويا.
15
نبوڪدنضر يهوياڪين کي قيدي بڻائي بابل ڏانهن وٺي ويو. هو بادشاهہ يهوياڪين جي ماءُ، سندس زالن، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني مکيہ ماڻهن کي پڻ قيدي بڻائي وٺي ويو.
16
بابل جو بادشاهہ سڄي لشڪر کي بہ قيدي بڻائي وٺي ويو جنهن ۾ ست هزار بهادر ماڻهن کان علاوہ هڪ هزار ڪاريگر ۽ هنرمند شامل هئا، جيڪي جنگ جي فن ۾ بہ ماهر هئا.
17
يهوياڪين جي جاءِ تي بابل جي بادشاهہ سندس چاچي متنياہ کي بادشاهہ بڻايو. هن سندس نالو مَٽائي صدقياہ رکيو.
18
جڏهن صدقياہ بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. هن جي ماءُ جو نالو حموطل هو جيڪا يرمياہ جي ڌيءَ هئي جيڪو لبناہ شهر جو هو.
19
هن يهويقيم وانگر اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا.
20
خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25