bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Kings 11
2 Kings 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 12 →
1
جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.
2
پر بادشاهہ يهورام جي ڌيءَ يهوسبع، جيڪا اخزياہ جي ڀيڻ هئي تنهن اخزياہ جي پٽ يوآس کي بچائي ورتو، جيڪو بادشاهہ جي ٻئي اولاد سان گڏ قتل ٿيڻ وارو هو. هن يوآس ۽ سندس دائيءَ کي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي وڃي لڪائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هو مرڻ کان بچي ويو.
3
انهيءَ کان پوءِ هو پنهنجي دائيءَ سان خداوند جي هيڪل ۾ ڇهہ سال لڪل رهيو جڏهن تہ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي پئي ڪئي.
4
پوءِ ستين سال ۾ يهويدع ڪاهن شاهي محافظن ۽ محل جي پهريدارن جي سالارن کي گھرائي کين خداوند جي هيڪل ۾ اچڻ لاءِ چيو. اتي هن سندن وفاداريءَ لاءِ قسم کڻائي کانئن عهد ورتو، تنهن کان پوءِ هنن کي بادشاهہ جو پٽ يوآس ڏيکاريائين.
5
انهن کي حڪم ڏيئي چيائين تہ ”جڏهن اوهان سبت جي ڏينهن تي پنهنجي پنهنجي ڪم تي اچو، تڏهن اوهان پاڻ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. اوهان مان هڪ حصو محل تي پهرو ڏئي،
6
هڪ حصو صور جي دروازي تي پهرو ڏئي ۽ هڪ حصو دروازي تي پهري وارن جي پٺيان بيهي.
7
اوهان جا ٻہ ٽولا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تان لهي وڃن سي هيڪل ۾ بادشاهہ يوآس جي حفاظت لاءِ پهرو ڏين.
8
اوهين سڀيئي پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي بادشاهہ جي چوڌاري بيهي وڃجو. جيڪو بہ اوهان جي قطارن جي ويجھو اچي تنهن کي ماري ڇڏجو. بادشاهہ ڪيڏانهن بہ وڃي تہ اوهين ساڻس گڏ رهجو.“
9
تڏهن انهن سالارن ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. هر ڪو پنهنجا پنهنجا ماڻهو جيڪي سبت جي ڏينهن تي ڪم تان لهڻا هئا يا جيڪي ڪم تي چڙهڻا هئا، سي يهويدع ڪاهن وٽ وٺي آيو.
10
تڏهن ڪاهن انهن سالارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ ڍالون آڻي ڏنيون جيڪي خداوند جي گھر ۾ رکيون هيون.
11
سڀيئي پهري وارا پنهنجا پنهنجا هٿيار هٿ ۾ کڻي هيڪل جي اڳيان جتي قربانگاهہ آهي، ساڄي پاسي کان وٺي کاٻي پاسي تائين بادشاهہ جي حفاظت لاءِ چوڌاري بيهي رهيا.
12
تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“
13
راڻي عتلياہ جڏهن پهريدارن ۽ ٻين ماڻهن جو هل ٻڌو، تڏهن هوءَ هيڪل جي اڳيان ماڻهن وٽ آئي.
14
هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ دستور موجب ٿنڀي جي پاسي ۾ بيٺو هو. سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀر ۾ بيٺا هئا. سڀيئي ماڻهو خوشيون پيا ڪن ۽ شرنايون پيا وڄائين. تڏهن عتلياہ جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“
15
يهويدع ڪاهن سالارن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هن عورت کي گهلي محافظن جي گھيري ۾ ٻاهر وٺي وڃو ۽ جيڪو بہ هن کي ڇڏائڻ لاءِ اچي تنهن کي ماري ڇڏيو.“ جيئن تہ ڪاهن کين اهو بہ حڪم ڏنو هو تہ هو کيس خداوند جي هيڪل ۾ قتل نہ ڪن،
16
سو هنن ان کي پڪڙي ورتو ۽ محل ڏانهن گهلي کڻي ويس جتي گھوڙن جي لنگھڻ واري دروازي وٽ هنن کيس ماري ڇڏيو.
17
پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ يوآس ۽ سندس قوم جو خداوند سان عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهندا. هن بادشاهہ ۽ سندس قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايو.
18
تنهن کان پوءِ سڀيئي ماڻهو بعل ديوتا جي پوڄا گھر ڏانهن ويا ۽ ان کي ڊاهي ڇڏيائون. انهيءَ جون سڀيئي قربانگاهون ۽ سندس مورتيون بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائون ۽ بعل ديوتا جي متان نالي مذهبي اڳواڻ کي اتي ئي قربانگاهن جي اڳيان ماري ڇڏيائون. پوءِ يهويدع ڪاهن خداوند جي هيڪل تي پهريدار مقرر ڪيا.
19
تنهن بعد يهويدع، سالار، شاهي محافظ، محل جا پهريدار ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو بادشاهہ يوآس سان گڏجي هيڪل کان محل تائين آيا. بادشاهہ کي محافظن واري دروازي کان اندر آندو ويو ۽ هو اچي شاهي تخت تي ويٺو.
20
سڀيئي ماڻهو خوشيءَ سان ڀرجي ويا ۽ شهر ۾ امن وَ سڪون ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ عتلياہ کي محل ۾ قتل ڪيو ويو هو.
21
جڏهن يوآس بادشاهي ڪرڻ لڳو تڏهن سندس عمر ست سال هئي.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25