bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 13
1 Chronicles 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 14 →
1
۽ دائود هزارن ۽ سوَن جي سردارن سان، بلڪ سڀ ڪنهن منهندار سان صلاح مصلحت ڪئي.
2
۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:
3
۽ پوءِ اسين وري پنهنجي خدا جي صندوق پاڻ وٽ کڻي اچون: ڇالاءِ جو سائول جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کان پڇا ڪانہ ڪئي.
4
۽ ساري جماعت چيو تہ اسين ائين ڪرڻ گهرون ٿا: ڇالاءِ جو اها ڳالهہ ساري قوم جي نظر ۾ مناسب آهي.
5
تڏهن دائود سڀ اسرائيلي، مصر جي نهر سيحور کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري هنڌ تائين گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ قريت يعريم مان خدا جي صندوق کڻي اچن.
6
۽ دائود سڀني اسرائيلين سميت بعلہ ڏي، يعني قريت يعريم ڏي چڙهي ويو، جو يهوداہ جو شهر هو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي صندوق کڻي اچن، يعني انهي جي، جو ڪروبين تي ويٺل خداوند آهي، ۽ جنهن کي اُهو نالو وٺي سڏبو آهي.
7
۽ هنن خدا جي صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ تي رکي، ابينداب جي گهر مان ڪڍي آندي: ۽ عزا ۽ اخيو اُها گاڏي هڪلي.
8
۽ دائود ۽ سڀني اسرائيلين پنهنجي طاقت آهر خدا جي اڳيان ڳايو وڄايو: راڳن سان، ۽ بربطن سان، ۽ سنطورن سان، ۽ دفن سان، ۽ جهانجهن سان، ۽ قرنائن سان.
9
۽ جڏهن هو ڪيدون جي اَن ڳاهڻ واري پڙ تي آيا، تڏهن عزا هٿ ڊگهو ڪري صندوق کي ٿي جهليو؛ ڇالاءِ جو ڏاندن ٿاٻو کاڌو.
10
۽ خداوند جي ڪاوڙ عزا تي اچي ڀڙڪي، ۽ هن انهيءَ کي ڌڪ هنيو، ڇالاءِ جو هن صندوق ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگهو ڪيو: ۽ هو اُتي جو اُتي خدا جي اڳيان مري ويو.
11
۽ دائود رنج ٿيو، ڇالاءِ جو خداوند عزا تي اچي ڪڙڪيو: ۽ هن انهيءَ هنڌ جو نالو پرض عزا رکيو، جو اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.
12
۽ دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي صندوق پنهنجي گهر پاڻ وٽ آڻيان؟
13
تنهنڪري دائود صندوق کي دائود جي شهر ۾ پاڻ وٽ نہ آندو، پر اُها کڻائي پاسي ڪري عوبيد ادوم جَتيءَ جي گهر ۾ رکي.
14
۽ خدا جي صندوق عوبيد ادوم جي قبيلي وٽ سندس گهر ۾ ٽي مهينا رهي: ۽ خداوند عوبيد ادوم جي گهر تي ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن تي برڪت وڌي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29