bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 22
1 Chronicles 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 23 →
1
تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.
2
۽ دائود حڪم ڏنو تہ اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا آهن، تن کي گڏ ڪريو؛ ۽ هن رازا مقرر ڪيا تہ پٿر ڇلي خداوند جو گهر جوڙين.
3
۽ دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ گهڻو لوهہ تيار ڪيو؛ ۽ بي انداز پتل بہ؛
4
۽ بيشمار ديودار جا وڻ: ڇالاءِ جو صيدانين ۽ صور جي رهاڪن گهڻا ديودار جا وڻ دائود وٽ آندا.
5
۽ دائود چيو تہ، منهنجو پٽ سليمان اڃا ننڍڙو ۽ ڳڀرو آهي، ۽ جيڪو گهر خداوند جي لاءِ ٺاهڻو آهي سو تمام سهڻو ۽ سڀني ملڪن ۾ مشهور ۽ شاندار ٿئي: تنهنڪري آءٌ انهيءَ لاءِ تياري ڪندس. سو دائود پنهنجي وفات کان اڳي گهڻي تياري ڪئي.
6
تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي سڏيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گهر ٺاهج.
7
۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.
8
پر خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ تو گهڻو رت وهايو آهي، ۽ وڏيون جنگيون ڪيون اٿيئي: تون منهنجي نالي لاءِ گهر نہ جوڙيندين، ڇالاءِ جو تو منهنجي نظر ۾ زمين تي گهڻو رت وهايو آهي:
9
ڏس، توکي هڪڙو پٽ ڄمندو جو صلح پسند انسان ٿيندو؛ ۽ آءٌ کيس سڀني آس پاس جي دشمنن کان آرام ڏيندس: ڇالاءِ جو هن جو نالو سليمان ٿيندو، ۽ آءٌ سندس ڏينهن ۾ اسرائيل کي صلح ۽ امن بخشيندس:
10
هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو؛ ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو، ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس؛ ۽ آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ اسرائيل تي قائم ڪندس.
11
هاڻي منهنجا پٽ، خداوند توساڻ هجي؛ ۽ توکي ڪامياب ڪري، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ گهر ٺاهج، جيئن هن تنهنجي نسبت ۾ فرمايو آهي.
12
رڳو خداوند توکي عقل ۽ سمجهہ بخشي، ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ تنهنجي هدايت ڪري؛ تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪرين.
13
جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.
14
هاڻي ڏس، تہ مون ڏاڍي مشقت سان خداوند جي گهر لاءِ هڪ لک قنطار سون جا، ۽ ڏهہ لک قنطار چانديءَ جا، ۽ بي انداز پتل ۽ لوهہ تيار ڪيو آهي؛ جو ججهو آهي؛ ڪاٺ ۽ پٿر بہ مون تيار ڪيو آهي؛ ۽ تون انهيءَ کي وڌائي سگهين ٿو.
15
انهيءَ کانسواءِ تو وٽ گهڻيئي ڪاريگر آهن، يعني پٿر ۽ ڪاٺ ٽُڪڻ ۽ ڇلڻ وارا، ۽ اهڙا ماڻهو جي طرح طرح جي ڪم ۾ هنرمند آهن؛
16
سون، ۽ چانديءَ، ۽ پتل، ۽ لوهہ جو ڪوبہ شمار ڪونهي؛ تنهنڪري اُٿي ڪم ڪر، ۽ خداوند تو ساڻ هجي.
17
دائود اسرائيلين جي سڀني سردارن کي بہ پنهنجي پٽ سليمان بابت حڪم ڏيئي چيو تہ،
18
خداوند اوهان جو خدا اوهان سان نہ آهي ڇا؟ ۽ هن اوهان کي چوگرد آرام نہ ڏنو آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هن زمين جي رهاڪن کي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ ملڪ خداوند جي ۽ سندس قوم جي اڳيان تابع ٿيو.
19
هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29