bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 4
1 Chronicles 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 5 →
1
يهوداہ جا پٽ؛ فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.
2
۽ سوبل جي پٽ رياياہ کي يحت ڄائو؛ ۽ يحت کي اخومي، ۽ لاهد ڄاوا. اهي آهن صرعتين جا گهراڻا.
3
۽ عيطام جي پيءُ جا هي پٽ هئا؛ يزرعيل ۽ اسمع ۽ ادباس: ۽ انهيءَ جي ڀيڻ جو نالو هضل الفوني هو:
4
۽ فنوايل، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ عزر، جو حوسہ جو پيءُ هو، اهي آهن حور جا پٽ، جو افراتہ جو پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ بيت الحم جو پيءُ هو.
5
۽ تقوع جي پيءُ اشور کي ٻہ زالون هيون، حيلاہ ۽ نعراہ.
6
۽ نعراہ مان هن کي اخوسام ۽ حفر ۽ تيمني ۽ هخستري ڄاوا. اهي هئا نعراہ جا پٽ.
7
۽ حيلاہ جا پٽ هئا ضرت ۽ يضوآر ۽ اتنان.
8
۽ قوض مان عنوب ۽ ضوبيبہ، ۽ حروم جي پٽ آخرخيل جا گهراڻا پيدا ٿيا.
9
۽ يعبيض پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ عزت آبرو وارو هو: ۽ ماڻس يعبيض نالو هن ڪري ڏنس جو چيائين تہ مون هن کي ڏکن سان ڄڻيو.
10
۽ يعبيض اسرائيل جي خدا کي سڏي چيو تہ شل تون مون کي سچ پچ برڪت وارو ڪرين، ۽ منهنجي حد وڌائين، ۽ شل تنهنجو هٿ مون سان هجي، ۽ تون مون کي سچ پچ بڇڙائيءَ کان بچائين، تہ مون کي ڏک ڪونہ رسي! ۽ خدا اها سندس دعا قبول ڪئي.
11
۽ سوخہ جي ڀاءُ ڪلوب کي محير ڄائو، جو استون جو پيءُ هو.
12
۽ استون کي بيت رفا، ۽ فاسحہ، ۽ تحنہ، جو عيرنحس جو پيءُ هو، سي ڄاوا. اهي آهن ريڪاہ جا ماڻهو.
13
۽ قنز جا پٽ؛ غتنئيل ۽ شراياہ: ۽ غتنئيل جو پٽ؛ حتت.
14
۽ معوناتي کي عفرہ ڄائو: ۽ شراياہ کي يوآب ڄائو: جو خراسيم جو پيءُ هو؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪاريگر ماڻهو هئا.
15
۽ ڪالب بن يفنہ جا پٽ؛ عيرو، ايلا ۽ نعم: ۽ ايلا جا پٽ؛ قنز.
16
۽ يهللئيل جا پٽ؛ زيف ۽ زيفہ، تيرياہ ۽ اسڪري ايل.
17
۽ عزرہ جا پٽ؛ يتر، ۽ مرِد، ۽ عفر، ۽ يلون: ۽ هن مريم، ۽ سمعي، ۽ اسباح ڄڻيا جو استموع جو پيءُ هو.
18
۽ هن جي يهودياڻي زال يرد ڄڻيو، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ حبر، جو شوڪو جو پيءُ هو، ۽ يقوتئيل، جو زنوح جو پيءُ هو. ۽ اهي آهن بتياہ جا پٽ، جا فرعون جي ڌيءَ هئي، ۽ مرِد سان پرڻي هئي.
19
۽ نحم جي ڀيڻ هودياہ جي زال جا پٽ هئا قعيلہ، جرمي جو پيءُ، ۽ استموع معڪاتي.
20
۽ سيمون جا پٽ؛ امنون ۽ رناہ، بن حنان ۽ تيلون. ۽ يسعي جا پٽ؛ زوحت ۽ بن زوحت.
21
يهوداہ جي پٽ سيلا جا پٽ؛ عير، جو لڪا جو پيءُ هو، ۽ لعدہ، جو مريسہ جو پيءُ هو، ۽ انهن جي گهراڻي جا قبيلا، جي عمدو ڪتاني ڪپڙو اُڻندا هئا، يعني بيت اشبيع جي گهراڻي جا؛
22
۽ يوقيم، ۽ ڪوزيبا جا ماڻهو، ۽ يوآس، ۽ شراف، جي موآب ۾ حاڪم هئا، ۽ يسوبي لحم. ۽ اهي دفتر قديم آهن.
23
اهي هئا ڪنڀر جي نتائيم ۽ گديرا جا رهاڪو هئا: اتي هو بادشاهہ وٽ سندس ڪم لاءِ رهندا هئا.
24
شمعون جا پٽ؛ نموايل ۽ يمين، يريب، زارح، سائول:
25
انهيءَ جو پٽ سلوم، انهيءَ جو پٽ مبسام، انهيءَ جو پٽ مسماع.
26
۽ مسماع جا پٽ؛ انهيءَ جو پٽ حموايل، انهيءَ جو پٽ زڪور، انهيءَ جو پٽ سمعي.
27
۽ سمعي کي سورهن پٽ ۽ ڇهہ ڌيئرون هيون؛ پر هن جي ڀائرن کي گهڻو اولاد ڪونہ هو، نڪي هنن جو اولاد يهوداہ جي اولاد وانگي وڌيو.
28
۽ اهي بيرسبع، ۽ مولادہ، ۽ حصرسوعال ۾ رهندا هئا؛
29
۽ بلها ۾، ۽ عضم ۾، ۽ تولاد ۾؛
30
۽ بتوايل ۾، ۽ حرمہ، ۽ صقلاج ۾؛
31
۽ بيت مرڪبوت ۾، ۽ حصر سوسيم ۾، ۽ بيت برائي ۾، ۽ شعرئيم ۾ رهندا هئا. اهي هئا هنن جا شهر دائود جي راڄ تائين.
32
۽ هنن جا ڳوٺ هئا عيطام ۽ عين، رمون ۽ توڪن ۽ عسن، مڙئي پنج شهر:
33
۽ انهن ساڳين شهرن جي چوڌاري هنن جا سڀ ڳوٺ بعل تائين. اهي هئا هنن جي رهڻ جا هنڌ، ۽ انهن کي پنهنجو نسب نامو آهي.
34
۽ مسوباب، ۽ يمليڪ، ۽ يوشہ بن امصياہ؛
35
۽ يوايل، ۽ ياهو بن يوسيبياہ، بن شراياہ، بن عسيئيل؛
36
۽ اليوعيني، ۽ يعقوبہ، ۽ يسوخايہ، ۽ عساياہ، ۽ عديئيل، ۽ يسيمئيل، ۽ بناياہ؛
37
۽ زيزا بن شفعي، بن الون، بن يداياہ، بن سمري، بن سمعياہ؛
38
اهي، جن جا نالا ڏنا ويا، سي پنهنجن قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ انهن جي ابن جا گهراڻا تمام گهڻو وڌي ويا.
39
۽ اُهي جدور جي گهڙڻ جي جاءِ تائين ويا، يعني انهيءَ واديءَ جي اُڀرندي پاسي تائين ويا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجن ڌڻن جي واسطي چارو ڳولين.
40
۽ انهن سڻڀو ۽ چڱو چارو لڌو، ۽ زمين ڪشادي، ۽ ماٺ ۽ آرام واري هئي؛ ڇالاءِ جو قديم وقت ۾ اُتي جيڪي رهندا هئا سي حام جو اولاد هئا.
41
۽ اِهي ناليوار مٿي ذڪر ڪيل يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ آيا، ۽ هنن جا تنبو، ۽ معونيم جي اُتي لڌائون، تن کي ماريائون ۽ اڄ ڏينهن تائين بلڪل ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ پاڻ اُنهن جي جاءِ تي رهي پيا: ڇالاءِ جو اُتي هنن جي ڌڻن جي لاءِ چارو موجود هو.
42
۽ انهن مان ڪي، يعني شمعون جا پٽ، جي پنج سؤ ماڻهو هئا، سي شعير جبل ڏي ويا، ۽ سندن سردار فلطياہ، ۽ نعرياہ، ۽ رفاياہ، ۽ عزي ايل هئا، جي يسعيءَ جا پٽ هئا؛
43
۽ جيڪي عماليقي باقي بچيا هئا ۽ ڀڄي نڪتا هئا، تن کي ماري پاڻ اتي رهڻ لڳا، ۽ اڄ ڏينهن تائين اُتي رهندا اچن.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29