bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 15
1 Chronicles 15
Sindhi Bible
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 16 →
1
۽ دائود پنهنجي لاءِ دائود جي شهر ۾ گهر جوڙايا؛ ۽ خدا جي صندوق لاءِ بہ هڪڙي جاءِ تيار ڪرايائين، ۽ اُنهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.
2
دائود چيو تہ لاوين کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا جي صندوق نہ کڻي: اُنهن جي لاءِ خداوند اهو حڪم مقرر ڪيو آهي تہ خدا جي صندوق کڻن، ۽ هميشہ سندس خدمت ڪندا رهن.
3
۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.
4
۽ دائود بني هارون ۽ بني لاوين کي گڏ ڪيو:
5
قهات جي پٽن مان اوري ايل سردار، ۽ سندس هڪ سؤ ويهن ڀائرن کي:
6
بني مراريءَ مان عساياہ سردار، ۽ سندس هڪ سؤ ويهن ڀائرن کي:
7
بني جيرسوم مان يوايل سردار، ۽ سندس هڪ سؤ ٽيهن ڀائرن کي:
8
بني اليصفن مان سمعياہ سردار، ۽ سندس ٻہ سؤ ڀائرن کي:
9
بني حبرون مان الي ايل سردار، ۽ سندس اسي ڀائرن کي:
10
بني عزي ايل مان عمينداب سردار ۽ سندس هڪ سؤ ٻارهن ڀائرن کي.
11
۽ دائود صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي، ۽ لاوين مان اوري ايل، عساياہ، يوايل، سمعياہ، ۽ الي ايل ۽ عبينداب کي ڪوٺايو.
12
۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.
13
ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.
14
تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق مٿي کڻي اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو.
15
۽ بني لاوين خدا جي صندوق لٺين سان پنهنجن ڪلهن تي کنئي، جيئن موسيٰ خداوند جي ڪلام موجب حڪم ڏنو هو.
16
۽ دائود لاوين جي سردارن کي چيو تہ پنهنجن ڀائرن مان ڳائڻا مقرر ڪريو، تہ ساز، تنبورا، بربط ۽ جهانجهہ وڄائي، بلند آواز سان خوشيون ڪن.
17
سو لاوين هيمان بن يوايل؛ ۽ هن جي ڀائرن آسف بن برڪياہ؛ ۽ بني مراري مان هن جي ڀائرن، ايتان بن قوسياہ کي مقرر ڪيو؛
18
۽ انهن سان سندن ٻئي درجي جي ڀائرن، يعني زڪرياہ، ۽ بين، ۽ يعزيئيل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ عني، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ معسياہ، ۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم ۽ يعي ايل، جي دربان هئا.
19
انهيءَ طرح هيمان، آسف، ۽ ايتان مقرر ڪيا ويا تہ زور سان جهانجهہ وڄائين؛
20
۽ زڪرياہ، ۽ عزيئيل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ عني، ۽ الياب، ۽ معسياہ، ۽ بناياہ، علاموت جي سر تي تنبورا وڄائين؛
21
۽ متتياہ، ۽ الفلهو، ۽ مقنياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعيئيل، ۽ عزرياہ، شمنيت جي سر تي اڳرو بربط وڄائين.
22
۽ لاوين جو سردار ڪنانياہ، جو ڳائڻ ۾ هوشيار هو، سو راڳ لاءِ مقرر هو، ۽ سُر کڻڻ سيکاريندو هو.
23
۽ برڪياہ، ۽ القانہ، صندوق لاءِ دربان هئا.
24
۽ شبنياہ، ۽ يهوسفط، ۽ نتنئيل، ۽ عماسي، ۽ زڪرياہ، ۽ بناياہ، ۽ اليعزر، جي ڪاهن هئا، تن خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄايون: ۽ عوبيد ادوم، ۽ يحياہ، صندوق لاءِ دربان هئا.
25
انهيءَ طرح دائود، ۽ اسرائيل جا بزرگ، ۽ هزارن جا سردار خوشيءَ سان عوبيد ادوم جي گهر مان خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ لاءِ ويا:
26
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا لاوين جي مدد ڪئي، جن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنئي هئي، تڏهن هنن ست ڍڳا ۽ ست گهٽا قربان ڪيا.
27
۽ دائود، ۽ سڀ لاوي جن صندوق کنئي هئي، ۽ ڪنانياہ ڳائڻ وارن جو سردار، ۽ سڀ ڳائڻا جي ساڻس هئا، تن کي ڪتاني سڻيءَ جا جبا پيل هئا: ۽ دائود کي ڪتاني سڻيءَ جو افود پيل هو.
28
انهيءَ طرح سڀني اسرائيلين نعرا هڻي ۽ زور سان ناد ۽ تريون، جهانجهہ، تنبورا ۽ بربط وڄائيندي، خدا جي عهدنامي جي صندوق آندي.
29
۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي، تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود بادشاهہ کي نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ ۽ سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.
← Chapter 14
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 16 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29