bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 26
1 Chronicles 26
Sindhi Bible
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 27 →
1
۽ دربانن جي ترتيب هيءَ هئي: قورحين مان مسلمياہ بن قوري، جو آسف جي پٽن مان هو.
2
۽ مسلمياہ جا هي پٽ؛ پهريتو زڪرياہ، ٻيو يدي عيل، ٽيون زبدياہ، چوٿون نتني ايل؛
3
پنجون عيلام، ڇهون يهوحانان، ستون اليهوعيني.
4
۽ عوبيد ادوم جا هي پٽ هئا؛ پهريتو سمعياہ، ٻيو يهوزباد، ٽيون يوآخ، ۽ چوٿون سڪار، ۽ پنجون نتني ايل؛
5
ڇهون عمي ايل، ستون اشڪار، اٺون فعلتي: ڇالاءِ جو خداوند انهن کي برڪت ڏني هئي.
6
۽ انهيءَ جي پٽ سمعياہ وٽ بہ پٽ ڄاوا، جن پنهنجي اباڻي گهراڻي تي حڪومت ڪئي: ڇالاءِ جو اهي زبردست بهادر هئا.
7
سمعياہ جا پٽ عتني، ۽ رفاايل، ۽ عوبيد، ۽ الزباد، جن جا ڀائر، اليهو ۽ سماڪياہ؛ بهادر مرد هئا.
8
اهي سڀيئي عوبيد ادوم جي اولاد مان هئا. اهي ۽ سندن پٽ ۽ سندن ڀائر خدمت جي لاءِ زور ڀريا ۽ هوشيار ماڻهو هئا؛ ڪل عوبيد ادومي ٻاهٺ هئا.
9
۽ مسلمياہ جا پٽ ۽ ڀائر ارڙهن بهادر مرد هئا.
10
۽ بني مراريءَ مان حوسہ کي بہ پٽ هئا؛ سِمري سردار (خواہ هو پهريتو نہ هو تہ بہ سندس پيءُ هن کي سردار مقرر ڪيو هو؛)
11
ٻيو خلقياہ، ٽيون طبلياہ، چوٿون زڪرياہ: حوسہ جا سڀ پٽ ۽ ڀائر تيرهن هئا.
12
انهن مان ئي يعني سردارن مان دربانن جي ترتيب لاءِ مقرر ڪم هو، تہ پنهنجن ڀائرن وانگر خداوند جي گهر ۾ خدمت ڪن.
13
۽ انهن مان، ننڍن توڙي وڏن، پنهنجي اباڻي گهراڻن موجب، هرهڪ دروازي لاءِ ڪڻا وڌا.
14
۽ اُڀرندي لاءِ سمعياہ جو ڪڻو پيو. انهيءَ کانپوءِ سندس پٽ زڪرياہ لاءِ، جو عقلمند مشير هو، هنن ڪڻو وڌو؛ ۽ سندس ڪڻو اُتر لاءِ پيو.
15
عوبيد ادوم لاءِ ڏکڻ جو، ۽ سندس پٽن لاءِ انبارخانہ جو.
16
سفيم ۽ حوسہ لاءِ اُلهندي جو يعني سلڪت جي دروازي وٽ جتان ٻنڌ مٿي ٿي ويو، ائين تہ هڪ ٻئي جي سامهون پهرو ڏين.
17
اُڀرندي پاسي ڇهہ لاوي، اُتر پاسي هر روز چار، انبارخاني لاءِ ٻہ.
18
ڏکڻ پاسي علائقي لاءِ، ٻنڌ وٽ چار، ۽ علائقي لاءِ ٻہ.
19
بني قوري ۽ بني مراريءَ لاءِ اها هئي دربانن جي ترتيب.
20
۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.
21
بني لعدان؛ جي لعدان جي گهراڻي جا ۽ جيرسوني هئا، ۽ لعدان جي جيرسونيءَ جي اباڻي گهراڻن جا سردار هئا؛ سي آهن يحي ايلي.
22
بني يحي ايلي، زيتام ۽ سندس ڀاءُ يوايل جي خداوند جي گهر جي خزانن جي مٿان هئا.
23
عمرامين مان، اضهارين مان، حبرونين مان ۽ عزي ايلين مان:
24
سبوايل بن جيرسوم، بن موسيٰ، خزانن جي مٿان هئا.
25
۽ سندس ڀائر، اليعزر مان انهيءَ جو پٽ رحبياہ، ۽ سندس پٽ يسعياہ، ۽ انهيءَ جو پٽ يورام، ۽ انهيءَ جو پٽ زڪري، ۽ انهيءَ جو پٽ سلوميت.
26
۽ اهو سلوميت ۽ سندس ڀائر انهن سڀني مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هئا، جي دائود بادشاهہ ۽ اباڻي گهراڻن جي سردارن، هزارن ۽ سوَن جي عملدارن، ۽ لشڪر جي سردارن، مخصوص ڪيون هيون.
27
جنگين جي فتح ڪيل لٽ مان ڪجهہ مال هنن خداوند جي گهر جي مرمت لاءِ مخصوص ڪيو هو.
28
۽ اُهي سڀ شيون جي غيب دان سموئيل ۽ سائول بن قيس، ۽ ابنير بن نير، ۽ يوآب بن ضروياہ، مخصوص ڪيون هيون، ۽ ٻيو جيڪي بہ ڪنهن مخصوص ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس ڀائرن جي هٿ هيٺ هو.
29
اضهارين مان ڪنانياہ ۽ سندس پٽ، اسرائيل جي مٿان، ٻاهرين ڪم لاءِ هئا، يعني عملدار ۽ قاضي هئا.
30
جبرونين مان، حسبياہ ۽ سندس ڀائر، جي هڪ هزار ست سؤ بهادر مرد هئا، اُهي اسرائيل جي مٿان يردن جي پار اُلهندي پاسي نظرداريءَ لاءِ هئا؛ يعني خداوند جي ساري ڪم لاءِ، ۽ بادشاهہ جي خدمت لاءِ هئا.
31
حبرونين مان يرياہ سردار، يعني حبرونين جي اباڻي گهراڻن جي نسب نامي موجب. دائود جي بادشاهت جي چاليهين ورهيہ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي ويئي، ۽ هو جلعاد جي يعزير وٽ زبردست بهادر مردن ۾ لڌا ويا.
32
۽ سندس ٻہ هزار ست سؤ ڀائرن کي، جي بهادر مرد هئا، ۽ اباڻي گهراڻن جا سردار هئا، تن کي دائود بادشاهہ روبينين تي، ۽ جد ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي تي، خدا جي هر ڪنهن ڪم ۽ بادشاهہ جي سڀ ڪنهن ڪم لاءِ مقدم مقرر ڪيو.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29