bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 14
1 Chronicles 14
Sindhi Bible
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 15 →
1
۽ حيرام، صور جي بادشاهہ، دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ ديودار جا وڻ، ۽ رازا، ۽ واڍا بہ، انهيءَ لاءِ تہ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙين.
2
۽ دائود ڄاتو تہ خداوند کيس اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي، ڇالاءِ جو هن سندس بادشاهي پنهنجي قوم اسرائيل جي خاطر بلند ڪئي هئي.
3
۽ دائود يروشلم ۾ وڌيڪ زالون پرڻيو: ۽ دائود کي زيادہ پٽ ۽ ڌيئرون ٿيڻ لڳيون.
4
۽ يروشلم ۾ جيڪي ٻار هن کي ڄاوا، تن جا نالا هي آهن؛ سموع ۽ سوباب، ناتن ۽ سليمان؛
5
۽ ابحار، ۽ السوع، ۽ الفالط؛
6
۽ نوجہ، ۽ نفجہ، ۽ يفيعہ؛
7
۽ اليسمع، ۽ بعليدع، ۽ اليفالط.
8
۽ جڏهن فلستين ٻڌو تہ دائود کي مسح ڪري ساري اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو اٿن، تڏهن سڀ فلستي دائود جي تلاش ۾ ٻاهر نڪتا: ۽ دائود اها ڳالهہ ٻڌي ۽ نڪري انهن جي سامهون آيو.
9
هاڻي فلستين اچي رفائيم جي واديءَ ۾ ڦرلٽ ڪئي هئي.
10
۽ دائود خدا کان پڇيو تہ آءٌ فلستين تي چڙهي وڃان يا نہ؟ ۽ تون انهن کي منهنجن هٿن ۾ ڏيندين يا نہ؟ ۽ خداوند هن کي چيو تہ تون چڙهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ هنن کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس.
11
تڏهن هو بعل پراضيم ۾ آيا ۽ دائود اُتي هنن کي شڪست ڏني؛ ۽ دائود چيو تہ خدا منهنجن دشمنن کي منهنجي هٿان پاڻيءَ جي بند ڀڄڻ وانگي ڀڃي وڌو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.
12
۽ هنن پنهنجا معبود اُتي ڇڏيا؛ ۽ دائود حڪم ڏنو، جنهن موجب هنن انهن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو.
13
پوءِ فلستين انهيءَ واديءَ ۾ وري ٻيو ڀيرو ڦرلٽ ڪئي.
14
۽ دائود وري بہ خدا کان پڇيو، ۽ خدا چيس تہ تون هنن جي پٺيان متان وڃين: هنن کان ڦري پاسو ڪر، ۽ توت جي وڻن جي سامهون هنن تي ڪاهي اچ.
15
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توت جي وڻن جي چوٽين تان ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري اچج: ڇالاءِ جو خدا فلستين جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ تنهنجي اڳيان اُٿي هليو آهي.
16
۽ دائود ائين ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس: ۽ هنن فلستين جي لشڪر کي جبعون کان وٺي جزر تائين شڪست ڏني.
17
۽ دائود جي ناموس سڀني ملڪن ۾ پکڙجي ويئي، ۽ خداوند هن جو خوف سڀني قومن تي وڌو.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29