bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 24
1 Chronicles 24
Sindhi Bible
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 25 →
1
۽ بني هارون جا هي حصا هئا. بني هارون: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
2
پر ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ کان اڳي مري ويا ۽ ڪوبہ اولاد ڪونہ هون. تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪهانت جو ڪم ڪيو.
3
۽ دائود اليعزر جي پٽن مان صدوق کي، ۽ اتمر جي پٽن مان اخي ملڪ کي، انهن جي خدمت مطابق ورهايو:
4
اليعزر جي پٽن مان، اتمر جي پٽن کان وڌيڪ رئيس مليا؛ ۽ هو هن طرح ورهايا ويا: جو اليعزر جي اباڻي گهراڻن جا سورهن سردار؛ ۽ اتمر جي پٽن جي اباڻي گهراڻن جا اٺ سردار هئا.
5
انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.
6
۽ سمعياہ بن نتني ايل محرر، جو لاوين مان هو، تنهن بادشاهہ، ۽ سردارن، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ اخي ملڪ بن ابياتر، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو اهي لکيا: جڏهن اليعزر جو هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو، تڏهن اتمر جو بہ هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو.
7
۽ پهريون ڪڻو يهويريب جو نڪتو، ٻيو يدعياہ جو؛
8
ٽيون حارم جو، چوٿون شعوريم جو؛
9
پنجون ملڪياہ جو، ڇهون ميامين جو؛
10
ستون هقوض جو، اٺون ابياہ جو؛
11
نائون يشوع جو، ڏهون سڪانياہ جو؛
12
يارهون الياسب جو، ٻارهون يقيم جو؛
13
تيرهون خفاہ جو، چوڏهون يسباب جو؛
14
پندرهون بلجاہ جو، سورهون امير جو؛
15
سترهون حزير جو، ارڙهون فضيض جو؛
16
اوڻيهون فتحياہ جو، ويهون يحزقيل جو؛
17
ايڪيهون ياڪن جو، ٻاويهون جمول جو؛
18
ٽيويهون دلاياہ جو، چوويهون معزرياہ جو.
19
اهو انهن جي خدمت جي ترتيب جو نمونو هو، تہ هو خداوند جي گهر ۾، جيئن کين هارون سندن پيءُ جو قانون ٻڌل هو، جو خداوند اسرائيل جي خدا کيس حڪم ڏنو هو.
20
۽ باقي بني لاويءَ مان: سوبائيل، جو عمرام جي پٽن مان هو؛ يهدياہ جو سوبائيل جي پٽن مان هو.
21
رحبياہ مان يسياہ سردار، جو رحبياہ جي پٽن مان هو.
22
اضهارين مان سلوموت؛ يحت، سلوموت جي پٽن مان هو.
23
۽ بني حبرون مان يرياہ سردار، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزي ايل، چوٿون يعقمام.
24
ميڪاہ، جو اعزي ايل جي پٽن مان هو؛ سمير، جو ميڪاہ جي پٽن مان هو.
25
يسياہ، جو ميڪاہ جو ڀاءُ هو: زڪرياہ، جو يسياہ جي پٽن مان هو.
26
محلي ۽ موشي، جي مراريءَ جي پٽن مان هئا: بنو، جو يعزياہ جي پٽن مان هو.
27
بني مراري؛ بنو ۽ سوهم ۽ زڪور ۽ عبري، جي يعزياہ مان هئا.
28
محليءَ مان اليعزر، جن کي ڪوبہ پٽ ڪونہ هو.
29
قيس مان؛ يرحميئيل، جو قيس جو پٽ هو.
30
محلي ۽ اعيدر ۽ يريموت، جي موشيءَ جا پٽ هئا. هاڻي اهي سڀ لاوين جي اباڻي گهراڻن جا پٽ آهن.
31
انهن سڀني بہ پنهنجن ڀائرن هارون جي پٽن وانگر، دائود بادشاهہ، ۽ صدوق، ۽ اخي ملڪ، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو ڪڻا وڌا؛ يعني جهڙو وڏي جي اباڻي گهراڻن جو حق هو، تهڙو هن جي ننڍي ڀاءُ جي گهراڻي جو بہ هو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29