bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 23
1 Chronicles 23
Sindhi Bible
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 24 →
1
هاڻي دائود ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿيو؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.
2
۽ ڪاهنن ۽ لاوين سان گڏ هن اسرائيل جي سڀني سردارن کي گڏ ڪيو.
3
۽ ٽيهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي ڳڻيا ويا: ۽ انهن جو شمار هڪ هڪ ماڻهو ڪري اٺٽيهہ هزار ٿيو.
4
انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي گهر جي ڪم جي نگهبانيءَ لاءِ هئا؛ ۽ ڇهہ هزار عملدار ۽ قاضي هئا:
5
۽ چار هزار دربان هئا؛ ۽ چار هزار انهن سازن سان خداوند جي تعريف ڪندا هئا، جي دائود تعريف لاءِ ٺاهيا.
6
۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.
7
جيرسونين مان هي هئا، لعدان ۽ سمعي.
8
بني لعدان؛ سردار يحي ايل، ۽ زيتام، ۽ يوايل، ٽي.
9
بني سمعي؛ سلوميت، ۽ حزي ايل، ۽ هاران، ٽي.
10
اهي لعدان جي ابن جي گهراڻن جا سردار هئا. ۽ بني سمعي؛ يحت، زينا، ۽ يعوس، ۽ بريعہ. اهي چارئي سمعيءَ جا پٽ هئا.
11
وڏو يحت هو، ۽ ٻيو زيزا: پر ڇالاءِ جو يعوس ۽ بريعہ کي گهڻا پٽ نہ هئا، تنهنڪري هو هڪڙي ئي اباڻي گهراڻي ۾ ڳڻيا ويا.
12
بني قهات عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل، چار.
13
بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.
14
باقي رهيو خدا جو مرد موسيٰ سو انهيءَ جا پٽ لاوين جي قبيلي ۾ ڳڻيا ويا.
15
۽ بني موسيٰ؛ جيرسوم اليعزر هئا.
16
۽ بني جيرسوم؛ سبوايل سردار هو.
17
۽ بني اليعزر؛ رحبياہ سردار هو. ۽ اليعزر کي ٻيا پٽ ڪين هئا؛ پر رحبياہ جا گهڻا ئي پٽ هئا.
18
بني اضهار؛ سلوميت جو سردار هو.
19
بني حبرون؛ يرياہ سردار، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزي ايل، ۽ چوٿون يقمعام هو.
20
بني عزي ايل؛ ميڪاہ سردار، ۽ ٻيو يسياہ هو.
21
۽ بني مراري؛ محلي ۽ موشي هئا. بني محلي، اليعزر ۽ قيس هئا.
22
۽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس ڪوبہ پٽ ڪونہ هو پر رڳيون ڌيئرون هيون: ۽ قيس جا پٽ جي سندن ڀائر هئا سي انهن سان پرڻيا.
23
بني موشي؛ محلي ۽ عيدر ۽ يريموت، ٽي.
24
لاوي جا پٽ اهي هئا؛ جي پنهنجي پنهنجي اباڻي گهراڻي موجب، يعني انهن اباڻن گهراڻن جا سردار جي هڪ هڪ ڪري شمار ڪيا ويا هئا: اُهي جي ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي گهر جي خدمت جو ڪم ڪندا هئا.
25
ڇالاءِ جو دائود چيو، تہ خداوند اسرائيل جو خدا، جو يروشلم ۾ هميشہ لاءِ رهي ٿو، تنهن پنهنجيءَ قوم کي آرام بخشيو آهي:
26
لاوين کي وري ڪڏهن بہ تنبو ۽ انهي جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.
27
ڇالاءِ جو دائود جي آخري حڪم موجب ويهن ورهين ۽ ان کان مٿي عمر جا بني لاوي شمار ڪيا ويا هئا.
28
۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.
29
۽ نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ميدو، خواہ اها اڻ خميري ماني، يا تئي تي پڪل يا تريل شيءِ هجي، تہ هو انهن جي تور ۽ ماپ جو ڪم ڪن؛
30
۽ روز بروز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪن؛
31
۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.
32
۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29