bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 18
1 Chronicles 18
Sindhi Bible
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 19 →
1
تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود فلستين کي شڪست ڏيئي پنهنجي تابع ڪيو: ۽ جات ۽ ان جا شهر فلستين کان هٿ ڪيائين.
2
۽ هن موآب کي ماريو؛ ۽ موآبي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا کڻي آيا.
3
۽ دائود حمات تائين ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي ماريو، جڏهن هو فرات نديءَ وٽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ٿي ويو.
4
۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار رٿ، ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود هڪ سؤ رٿن جي گهوڙن کانسواءِ باقي سڀني گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون.
5
۽ جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا.
6
تڏهن دائود ارام جي دمشق ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.
7
۽ هدرعزر جي نوڪرن وٽ جيڪي سون جون سپرون هيون سي دائود هٿ ڪري يروشلم ۾ آنديون.
8
۽ هدرعزر جي شهرن طبخت ۽ ڪون مان دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو، جنهن سان سليمان پلٽيل سمنڊ، ۽ ٿنڀ، ۽ پتل جا ٿانوَ جوڙايا.
9
۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توعو ٻڌو تہ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي،
10
تڏهن هن پنهنجي پٽ هدورام کي بادشاهہ دائود ڏانهن موڪليو تہ سندس سلام ڪري، ۽ کيس دعا ڪري، ڇو جو هو هدرعزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين؛ ڇالاءِ جو هدرعزر توعو سان جنگيون ڪيون هيون؛ ۽ هدورام پاڻ سان سون، چانديءَ ۽ پتل جا هر ڪنهن قسم جا ٿانوَ آندا.
11
اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.
12
انهيءَ کانسواءِ ابيشي بن ضروياہ ارڙهن هزار ادومي، لوڻ جي واديءَ ۾ ماريا.
13
۽ هن ادوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.
14
۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيائين.
15
۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:
16
۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ ابيملڪ بن ابياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شوشا، محرر هو؛
17
۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ بادشاهہ جي چوڌاري مکيہ هئا.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29