bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Chronicles 5
1 Chronicles 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 6 →
1
۽ روبن، جو اسرائيل جو پهريون ڄاول ٻار هو، تنهن جا پٽ، (ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي بستري پليت ڪرڻ ڪري هن جي ڄم ڄائي جو حق، اسرائيل جي پٽ يوسف جي پٽن کي ڏنو ويو، ۽ انهيءَ جو نسب نامو ڄم ڄائي جي حق موجب نہ ورتو ويو.
2
ڇالاءِ جو يهوداہ پنهنجن ڀائرن کان زور وٺي ويو، ۽ انهيءَ مان سردار ٿيو؛ پر ڄائي ڄم جو حق يوسف جو هو:)
3
اسرائيل جي پهرين ڄاول ٻار روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي.
4
يوايل جا پٽ؛ سمعياہ، انهيءَ جو پٽ جوج، انهيءَ جو پٽ سمعي؛
5
انهيءَ جو پٽ ميڪاہ، انهيءَ جو پٽ رياياہ، انهيءَ جو پٽ بعل؛
6
انهيءَ جو پٽ بئيرہ، (جنهن کي اسور جو بادشاهہ تلگات پلناصر قيد ڪري وٺي ويو هو) بني روبن جو سردار هو.
7
۽ هن جا ڀائر سندن قبيلن موجب جڏهن سندن پيڙهين جو نسب نامو شمار ڪيو ويو، هي هئا؛ سردار يعي ايل ۽ زڪرياہ،
8
۽ بلع بن عزز، بن سمع، بن يوايل، جو عروعير ۾، نبو ۽ بعل معون تائين رهندو هو:
9
۽ اُڀرندي ڏانهن هو فرات نديءَ کان بيابان جي گهڙڻ جي هنڌ تائين رهندو هو: ڇالاءِ جو هنن جو چوپايو مال جلعاد جي زمين ۾ وڌي گهڻو ٿيو.
10
۽ سائول جي ڏينهن ۾ هنن هاجرين سان جنگ ڪئي، جي هنن جي هٿان مارجي ويا: ۽ اُهي جلعاد جي اُڀرندي واري ساري زمين ۾ پنهنجن تنبن ۾ رهندا هئا.
11
۽ جد جا پٽ؛ انهن جي سامهون، بسن جي زمين ۾، سلڪہ تائين رهندا هئا:
12
يوايل سردار، ۽ ٻيو سافم؛ ۽ يعني ۽ سافط، بسن ۾ رهندا هئا.
13
۽ هنن جي ابن جي گهراڻن جا ڀائر؛ ميڪائيل، ۽ مسلام، ۽ سبعہ، ۽ يوري، ۽ يعڪان، ۽ زيع، ۽ عبر، مڙئي ست ڄڻا.
14
اهي هئا ابيخيل بن حوري، بن ياروآح، بن جلعاد، بن ميڪائيل، بن يسيسي، بن يحدو، بن بوز جا پٽ؛
15
اخي بن عبديئيل بن جوني، هنن جي ابن جي گهراڻن جو سردار هو.
16
۽ اهي جلعاد ۾، بسن منجهہ، ۽ انهيءَ جي شهرن ۾، ۽ شارون جي سڀني ٻهراڙيءَ وارن هنڌن منجهہ، سندن سرحدن تائين رهندا هئا.
17
انهن سڀني جو، سندن نسب نامن موجب، يهوداہ جي بادشاهہ يوتام جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام جي ڏينهن ۾ شمار ڪيو ويو هو.
18
روبن جا پٽ جاد ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، جي بهادر مرد هئا، ۽ سپر ۽ ترار کڻڻ وارا، ۽ ڪمان ڪشيندڙ، ۽ جنگ ڪرڻ ۾ هوشيار هئا، اُهي چوئيتاليهہ هزار ست سؤ سٺ ماڻهو هئا، جي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃڻ جهڙا هئا.
19
۽ هنن هاجرين سان، ۽ يطور، ۽ نفيس، ۽ نودب سان جنگ ڪئي.
20
۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.
21
۽ هو انهن جو چوپايو مال وٺي ويا؛ انهن جي اُٺن مان پنجاهہ هزار، رڍن مان اڍائي لک، گڏهن مان ٻہ هزار، ۽ ماڻهن مان هڪ لک وٺي ويا.
22
انهيءَ جنگ ۾ گهڻا مارجي ويا، جو اها خدا وٽان هئي. ۽ اُهي هنن جي جاءِ تي رهندا آيا، جيسين ڪ قيد ٿيا.
23
۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وارا ماڻهو انهيءَ زمين ۾ رهڻ لڳا: هو وڌي بسن کان بعل حرمون، ۽ سنير، ۽ حرمون جبل تائين آيا.
24
۽ انهن جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هي هئا؛ يعني عيفر، ۽ يسعي، ۽ الي ايل، ۽ عزريئيل، ۽ يرمياہ، ۽ هوداوياہ، ۽ يحدايل، جي همت وارا بهادر مشهور ماڻهو، پنهنجن ابن جي گهراڻن جا رئيس هئا.
25
۽ هنن پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي برخلاف قصور ڪيو، ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي معبودن جي پٺيان زناڪاري ڪرڻ لڳا، جن کي خدا سندن اڳيان ناس ڪيو.
26
۽ اسرائيل جي خدا، اسور جي بادشاهہ پول، ۽ اسور جي بادشاهہ تلگات پلناصر جي دل ۾ وڌو، ۽ اهو هنن کي قيد ڪري وٺي ويو، يعني روبين ۽ جدين کي، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي کي، ۽ انهن کي خلح، ۽ خابور، ۽ هارا، ۽ جوزان نديءَ تائين آندائين، جتي اڄ ڏينهن تائين آهن.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29