bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 1
Revelation 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 2 →
1
يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛
2
جنهن خدا جي ڪلام جي گواهي ۽ يسوع مسيح جي شاهدي ڏني، يعني انهن شين جي، جي هن ڏٺيون.
3
مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.
4
يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛
5
۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛
6
۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.
7
ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.
8
خداوند خدا، جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، اُهو قادر مطلق فرمائي ٿو تہ آئون الفا ۽ اوميگا آهيان.
9
آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.
10
خداوند جي ڏينهن آئون روح ۾ اچي ويس، ۽ پنهنجي پٺيان تريءَ جهڙو هڪڙو وڏو آواز ٻُڌم.
11
جنهن چيو تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو ڪتاب ۾ لک، ۽ اُهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل؛ يعني افسس ڏانهن، ۽ سمرنہ ڏانهن، ۽ پرگمن ڏانهن، ۽ ٿواتيرہ ڏانهن، ۽ سرديس ڏانهن، ۽ فلدلفيہ ڏانهن، ۽ لوديڪيہ ڏانهن.
12
۽ جنهن آواز مون سان ڳالهايو، تنهن جي ڏسڻ لاءِ جڏهن آئون ڦريس، تڏهن ست سونا شمعدان ڏٺم،
13
۽ اُنهن شمعدانن جي وچ ۾ ابن آدم جهڙو هڪڙو شخص هو، جو پيرن تائين هڪڙيءَ پوشاڪ سان ڍڪيل هو، ۽ ڇاتيءَ تي هڪڙو سونو سينہ بند ٻَڌل هوس.
14
۽ انهي جو مٿو ۽ وار اڇا هئا، جهڙي اڇي اُن، بلڪ جهڙي برف؛ ۽ اُنهي جون اکيون باهہ جي شعلي جهڙيون هيون؛
15
۽ اُنهي جا پير صاف ٿيل پتل جهڙا هئا، جو ڄڻ تہ کوري مان تپي اُجري نڪتل هو؛ ۽ اُنهي جو آواز زور سان وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جهڙو هو.
16
۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.
17
۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،
18
۽ جيئرو آهيان؛ آئون مُئو هوس، ۽ ڏس، آئون هميشہ تائين جيئرو رهندس، ۽ مون وٽ موت ۽ مُئلن جي عالم جون ڪنجيون آهن.
19
تنهنڪري اهي ڳالهيون جي تو ڏٺيون، ۽ اهي ڳالهيون جي آهن، ۽ اهي ڳالهيون جي هن کانپوءِ جلد ٿيڻيون آهن، سي لک؛
20
يعني جي ست تارا تو منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏٺا، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز لک: اُهي ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آهن؛ ۽ اُهي ست شمعدان ست ڪليسيائون آهن.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22