bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 5
Revelation 5
Sindhi Bible
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 6 →
1
جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو.
2
۽ مون هڪڙي زور واري ملائڪ کي وڏي آواز سان هيءَ منادي ڪندو ڏٺو، تہ هن ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي جي مهر ڀڃڻ جي لائق ڪير آهي؟
3
۽ ڪوبہ شخص آسمان يا زمين تي، يا زمين جي هيٺان، ڪتاب کولي يا انهي ڏانهن نهاري نٿي سگهيو.
4
۽ مون کي گهڻو روئڻ آيو، جو ڪوبہ انهي ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي ڏانهن نهارڻ جو لائق نہ نڪتو؛
5
تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي.
6
۽ مون انهي تخت ۽ چئن جاندارن جي وچ ۾، ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾، هڪڙو گهيٽو بيٺل ڏٺو؛ جو ڄڻ تہ ڪُٺو ويو هو، ۽ انهي کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون، جي خدا جا ست روح آهن، ۽ ساري زمين تي موڪليل آهن.
7
۽ هو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ مان ڪتاب ورتائين.
8
۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.
9
۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،
10
۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.
11
۽ مون ڏٺو ۽ اُنهي تخت، ۽ اُنهن جاندارن، ۽ بزرگن جي چوگرد گهڻن ئي ملائڪن جو آواز ٻُڌم؛ ۽ اُهي شمار ۾ لکن جا لک ۽ هزارن جا هزار هئا؛
12
۽ اُنهن وڏي آواز سان پئي چيو تہ جيڪو گهيٽو ڪُٺو ويو آهي سو قدرت، ۽ دولت، ۽ حڪمت، ۽ طاقت، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ تمجيد جي لائق آهي.
13
۽ سڀڪا خلقيل شيءِ، جا آسمان ۽ زمين تي، ۽ زمين جي هيٺان، ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ سڀ شيون جي انهن ۾ آهن، تن کي مون هيئن چوندو ٻُڌو تہ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي، ۽ انهي گهيٽي جي تمجيد، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ حڪومت شل هميشہ تائين هجي.
14
۽ انهن چئني جاندارن چيو، آمين. پوءِ اُهي بزرگ پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳا.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22