bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 21
Revelation 21
Sindhi Bible
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 22 →
1
پوءِ مون هڪڙو نئون آسمان ۽ هڪڙي نئين زمين ڏٺي: ڇالاءِ جو پهريون آسمان ۽ پهرين زمين ڪانہ رهي؛ ۽ سمنڊ بہ ڪونہ هو.
2
۽ مون پاڪ شهر يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏٺو، جو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جا پنهنجي گهوٽ لاءِ سينگاربي آهي.
3
۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛
4
۽ سندن اکين مان سڀ ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو، ۽ موت ٿيندو ئي ڪونہ، نڪو وري ماتم ٿيندو؛ ۽ نڪو روئڻ نڪو سور: پهريون حالتون گذري ويون آهن.
5
۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن چيو تہ ڏس، آئون سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان. ۽ هن چيو تہ لک: ڇالاءِ جو اهي ڳالهيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آهن.
6
۽ هن مون کي چيو تہ اهي ڳالهيون پوريون ٿي چڪيون آهن، ڇالاءِ جو آئون الفا ۽ اوميگا، اول ۽ آخر آهيان. جيڪو اُڃايل آهي تنهن کي آبِ حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.
7
جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.
8
پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.
9
پوءِ اُهي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا هئا ۽ اُنهن پوين ستن آفتن سان ڀريل هئا، تن مان هڪڙي نڪري اچي مون سان ڳالهايو؛ ۽ چيائين تہ هيڏانهن اچ تہ آئون توکي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گهيٽي جي زال.
10
۽ هو مون کي روح ۾ هڪڙي وڏي ۽ اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين،
11
جنهن ۾ خدا جو جلال هو: انهي جو چمڪاٽ تمام قيمتي جواهر جهڙو هو، ڄڻ تہ زبرجد، بلور جهڙو صاف.
12
هن جي ڀت وڏي ۽ مٿانهين هئي؛ ۽ ٻارهن در هئس، جن تي ٻارهن ملائڪ هئا؛ ۽ انهن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا:
13
ٽي در اُڀرندي ڏانهن هئا، ٽي در اُتر ڏانهن؛ ٽي در ڏکڻ ڏانهن، ۽ ٽي در اُلهندي ڏانهن هئا.
14
۽ انهي شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، ۽ انهن تي گهيٽي جي ٻارهن رسولن جا نالا هئا.
15
۽ جنهن مون سان ڳالهايو ٿي تنهن وٽ، شهر ۽ انهي جي دروازن ۽ سندس ڀت ماپڻ لاءِ هڪڙي سوني لٺ هئي.
16
۽ اهو شهر چوڪنڊو هو ۽ اُنهي جي ڊيگهہ ۽ ويڪر هڪ جهڙي هئي: ۽ هن انهي لٺ سان شهر کي ماپيو تہ ساڍا ست سؤ ڪوهہ ٿيو: هن جي ڊيگهہ، ويڪر ۽ بلندي هڪ جيتري هئي.
17
۽ هن سندس ڀت ماپي تہ ماڻهوءَ جي، يعني ملائڪ جي ماپ موجب، هڪ سؤ چوئيتاليهہ هٿ ٿي.
18
هن جي ڀت زبرجد جي جڙيل هئي: ۽ شهر خالص سون جو هو ۽ صاف شيشي جهڙو هو.
19
شهر جي ڀت جا بنياد هر قسم جي جواهرن سان سينگاريل هئا. پهريون بنياد زبرجد جو هو؛ ٻيو نيلم جو؛ ٽيون شب چراغ جو؛ چوٿون زمرد جو؛
20
پنجون عقيق جو؛ ڇهون لعل جو؛ ستون سونهري پهڻ جو؛ اٺون فيروزيءَ جو؛ نائون پکراج جو؛ ڏهون لاجورد جو؛ يارهون سنبلي پهڻ جو؛ ٻارهون ياقوت جو هو.
21
۽ ٻارهن در موتين جا هئا؛ هرهڪ در هڪ هڪ موتيءَ جو هو، ۽ شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي، ۽ صاف شيشي جهڙي هئي.
22
۽ مون انهي ۾ هيڪل ڪانہ ڏٺي: ڇالاءِ جو خداوند خدا، قادر مطلق ۽ گهيٽو سندس هيڪل آهن.
23
۽ انهي شهر کي روشنيءَ لاءِ سج جي گهُرج ڪانہ هئي، نڪا چنڊ جي؛ ڇالاءِ جو خدا جو جلال کيس روشن ٿو ڪري، ۽ گهيٽو سندس چراغ آهي.
24
۽ قومون انهي جي روشنيءَ ۾ هلنديون: ۽ زمين جا بادشاهہ منجهس پنهنجو شان ۽ شوڪت آڻيندا.
25
۽ سندس در ڏينهن جو ڪنهن بہ طرح بند نہ ٿيندا (۽ اُتي رات ٿيندي ئي ڪانہ.)
26
۽ هو قومن جي شوڪت ۽ عزت انهي ۾ آڻيندا؛
27
۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22