bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 4
Revelation 4
Sindhi Bible
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 5 →
1
انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن.
2
اُنهي دم آئون روح ۾ اچي ويس؛ ۽ ڏسو، آسمان ۾ هڪڙو تخت رکيل هو، ۽ انهي تخت تي هڪڙو شخص ويٺو هو؛
3
۽ جيڪو انهي تي ويٺو هو سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو هو؛ ۽ تخت جي چوڌاري اڌنڪ هئي، جا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي هئي.
4
۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.
5
۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛
6
۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.
7
۽ پهريون جاندار شينهن جهڙو هو، ٻيو جاندار گابي جهڙو، ۽ ٽئين جاندار جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ چوٿون جاندار اُڏامندڙ عقاب جهڙو هو.
8
۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي.
9
۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، ۽ جو هميشہ آباد آهي تنهن جي، جڏهن اهي جاندار تعظيم ۽ عزت ۽ شڪرگذاري ٿا ڪن،
10
تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ
11
اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22