bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Revelation 6
Revelation 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 7 →
1
۽ مون ڏٺو تہ جڏهن گهيٽي انهن ستن مهرن مان هڪڙي کولي، تڏهن انهن چئني جاندارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندو ٻُڌم تہ ”اچ.“
2
۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.
3
۽ جڏهن هن ٻي مهر کولي، تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٻئي جاندار چيو تہ ”اچ.“
4
۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.
5
۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.
6
۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.
7
۽ جڏهن هن چوٿين مهر کولي، تڏهن مون چوٿين جاندار کي چوندو ٻُڌو تہ ”اچ.“
8
۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.
9
۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.
10
۽ انهن وڏي آواز سان چيو تہ اي پاڪ ۽ سچا خداوند خدا، تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين، ۽ جيڪي زمين تي آهن، تن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟
11
۽ انهن مان هرهڪ کي هڪڙو اڇو وڳو ڏنو ويو؛ ۽ کين چيو ويو تہ اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيسين ڪ اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ڀائرن جو شمار، جي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا، پورو ٿئي.
12
۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛
13
۽ آسمان جا تارا زمين تي ڪِري پيا، جيئن ڪ طوفان ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪِري پوندو آهي.
14
۽ آسمان ائين گم ٿي ويو جيئن ڪو ويڙهو ويڙهبو آهي؛ ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنهنجين جاين تان هٽي ويا.
15
۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛
16
۽ اُهي جبل ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ اسان تي ڪِري پئو، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي نظر کان ۽ گهيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو:
17
ڇالاءِ جو انهن جي ڪاوڙ جو عظيم ڏينهن اچي پهتو آهي؛ ۽ ڪير بيهي سگهندو؟
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22